لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان جهيڙي ۾ زخمي ٿيل پورهيت زندگي جي جنگ هارائي ويٺو، ورثن پاران ڌرڻو هنيو ويو
پير شير ٿاڻي جي حد پيارو خان لهر ۾ هفتو اڳ چوري جي معاملي تان جهيڙي ۾ زخمي ٿيل پورهيت ڪراچي جي سول اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو
واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيڻ ۽ پوليس خلاف وارثن پاڪ ڪتاب کڻي جناع باغ چوڪ تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهه ڏئي روڊ بلاڪ ڪيو ويو
ان موقعي تي پيرسن علي دوست لهر پنهنجي وارثن مظهر، يوسف ۽ ٻين ٻڌايو ته يعقوب، ستار، نثار، علي ڏنو، صدام، علي گل، بابر، نديم، لالو، پپن منهنجي پٽ منور کي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو آهي
هنن چيو ته پوليس ڪيس داخل نه پئي ڪري، اعليٰ اختيارين کان گهر ٿا ڪريون ته ڪيس داخل ڪري منور جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن