لاڙڪاڻو جي معصوم نويلا کهاوڙ ڪيس ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ٿي، پوليس کي وري مهلت ملي وئي
مَي 18, 2023
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ معصوم نويلا کهاوڙ جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، پوليس هڪ ڀيرو وري مهلت گهري ورتي
سول اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ معصوم نويلا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي جنهن دوران جيڪب آباد جي ڊي ايس پي جو ريڊر پيش ٿيو
ڊي ايس پي جي ريڊر عدالت کي ٻڌايو ته ڊي ايس پي امان الله سڌايو بدلي ٿي ويو آهي ان جي جاءِ تي ڊي ايس پي غلام مصطفي ابڙو کي مقرر ڪيو ويو آهي
هن چيو ته نئين ڊي ايس پي اڃا تائين چارج ناهي سنڀالي جنهن جي ڪري عدالت کي درخواست آهي ته مهلت ڏني وڃي
عدالت پوليس جي درخواست درخواست قبول ڪري ٻڌڻي 26 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي
هوڏانهن نويلا کهاوڙ واري ڪيس ۾ اڃا تائين اڳڀرائي نه ٿي سگهي ۽ نه ئي جاچ آفيسر طرفان رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي
ٻئي پاسي اهڙي معاملي جو سنڌ هاءِ ڪورٽ نوٽيس ورتو هو جنهن سلسلي ۾ بدلي ٿيل جاچ آفيسر امان الله سڌايو ڪراچي پهتل آهي جتي هو عدالت کي ڪيس ۾ اڳڀرائي بابت رپورٽ پيش ڪندو