| لاڙڪاڻو ساھه سيباڻو نه رهيو: اربين رپيا بجيٽ باوجود گٽر اٿليل، ڌرڻو |
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو شهر ساھ سيباڻو نه رهيو ميونسپل ڪارپوريشن جي اربين روپين جي بجيٽ هوندي گٽرن جو گندو پاڻي روڊن تي بيٺل آهي.شهر جي نئون اسٽان واري علائقي ۾ گٽرن جو گندو پاڻي روڊن تي تلائن جي صورت اختيار ڪري ويو مسافرن سميت رهواسي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا آهن. رهواسين پاران روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي جتي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ان حوالي سان مير محمد جاگيراڻي راجا چانڊيو توفيق ڀٽو ضمير ڪنڀر سميت ٻين دانهيندي چيو ته گذريل 8 مهينن کان گٽرن جي گندو پاڻي روڊ تي بيٺل آهي جتي لاڙڪاڻي سميت ٻين شهرن کان ايندڙ ويندڙ مسافر پريشاني جي ور چڙهيل آهن هنن وڌيڪ چيو ته ڪيترائي ڀيرا ميئر ۽ ٽائون چيئرمين سميت ٻين کي اهڙيون شڪايتون ڪيون آهن ان باوجود گٽرن جو گندو پاڻي نيڪال نه ٿو ڪرايو وڃي هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت ٻين چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي نوٽيس وٺي چونڊيل نمائندن کان پڇاڻو ڪري گٽرن جو گندو پاڻي نيڪال ڪرائي لاڙڪاڻي واسين کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن