| لاڙڪاڻو: سنڌي اسٽيج ناٽڪ “شيشي جو گهر” پيش |
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي آرٽس ڪائونسل ۾ ناپا پاران علي روشن جو لکيل سنڌي اسٽيج ناٽڪ “شيشي جو گهر” پيش ڪيو ويو، فدا حسين ملاڻو جي هدايتڪاري هيٺ پيش ڪيل ناٽڪ ۾ اداڪار علي امجد ابڙو، ريما ناز، نائلا ناز ۽ نظام چانڊيو اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. ڊرامي جي ڪهاڻي هڪ گهريلو ناري جي چوڌاري ڦري ٿي، جنهن کي شادي کانپوءِ ڪافي عرصي تائين اولاد نٿو ٿئي جنهن کي سس ۽ مڙس طرفان ذهني اذيت جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، کيس بار بار اولاد نه ٿيڻ جا طعنا ڏنا وڃن ٿا، جڏهن ته مڙس ساڻس پيار سان پيش اچي ٿو. جڏهن جوڙي جو طبي معائنو ڪرايو وڃي ٿو ته ناري جي مڙس اولاد پيدا نه ٿيڻ جي صلاحيت ظاهر ٿئي ٿي، مڙس زال کي طلاق ڏيڻ لاءِ چوي ٿو، جنهن تي زال ذهني طور پاڳل ٿي وڃي ٿي، آخر ۾ سس ننهن کان معافي وٺي ٿي.