لاڙڪاڻو: مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل 2 ڄڻن جي مخبري جي پلاند ۾ چوڪيدار قتل

ڊسمبر 6, 2024

لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد نظر ڦاٽڪ واري علائقي ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ٻن ڄڻن جي مخبري جي پلاند ۽ پراڻي دشمني تان موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري سيلون تي ويٺل شهر جي قطب ڪالوني واسي 45 ورهين جي خانگي چوڪيدار ۽ چئن ٻارن جي پيءُ حسن علي جيهو کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون ۽ سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ ڪري مقتول جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، مقتول جي وارث جانب جيهو موجب 5 مهينا اڳ پوليس مقابلي ۾ دادلو ڏيپر ۽ سرتاج ڏيپر مارجي ويا هئا، جنهن معاملي سان اسان جو ڪو به واسطو ناهي پر ان جي باوجود جيها ۽ ڏيپر برادري سان واسطو رکندڙ ماڻهو اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏيندا هئا، اهڙي معاملي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي، جنهن پٽيشن جي سلسلي ۾ مون سميت منهنجو سئوٽ حسن علي جيهو ۽ ٻيا عدالت ۾ ٻڌڻي بعد واپس گهر اچي رهيا هئاسين ته جيها ۽ ڏيپر ذات سان واسطو رکندڙ ٻن کان ٽن موٽرسائيڪلن تي سوار هٿياربندن چانڊڪا پل کان ويندي نظر ڦاٽڪ وٽ اسان جو پيڇو ڪيو، سئوٽ حسن علي جيهو نظر ڦاٽڪ وٽ سيلون تي وار ٺهرائڻ لاءِ ويو جتي هٿياربندن کيس گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن. هن چيو ته نوجوان کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

5 مهينا اڳ 2 ڄڻا مارجي ويا، وارثن پوليس مقابلو جڙتو قرار ڏئي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي

لاڙڪاڻو: 5 مهينا اڳ 6 جون تي لاڙڪاڻي ڀرسان رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ميان خان ککراڻي واري علائقي ۾ لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ ڳوٺ وريام جيهو واسي دادلو پٽ اميربخش ڏيپر ۽ سرتاج ولد خير محمد ڏيپر جي مارجڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، جنهن ۾ ٻه پوليس اهلڪار عامر کهاوڙ ۽ عبدالحق ناريجو زخمي ٿي پيا هئا. جنهن کان پوءِ ٻنهي نوجوانن جي وارثن اهڙي مقابلي کي جڙتو قرار ڏيندي مختلف وقتن تي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا پڻ هنيا ويا.

شروعاتي جاچ موجب واقعو ذاتي دشمني تان پيش آيو، جلد جوابدار گرفتار ڪنداسين: پوليس

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد نظر ڦاٽڪ واري علائقي ۾ هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل 45 ورهين جي خانگي چوڪيدار حسن علي جيهو واري معاملي جو ايس ايس پي روحل کوسو نوٽيس وٺندي ايس ايچ او رحمت پور کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ايس ايس پي چيو آهي ته ايس ايچ او جي شروعاتي رپورٽ موجب واقعو ذاتي دشمني جي ڪري پيش آيو آهي، ايس ايس پي وڌيڪ ٻڌايو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس ٽيمون جوڙي رحمت پور ٿاڻي جي حد سميت پوري شهر ۾ ناڪابندي ڪري ڇڏي آهي.

Leave A Comment