لاڙڪاڻو: منشيات جو وڏو نيٽ ورڪ بي نقاب: ليڊي اهلڪار سميت 5 گرفتار

لاڙڪاڻو: منشيات جو وڏو نيٽ ورڪ بي نقاب: ليڊي اهلڪار سميت 5 گرفتار

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو پوليس ۽ وفاقي سول حساس اداري جي گڏيل ڪارروائي، منشيات جو وڏو نيٽ ورڪ بي نقاب، ليڊي ڪانسٽيبل سميت 5 منشيات فروش گرفتار، 2 ڪلو کان وڌيڪ آئيس ۽ 12 ڪلو کان وڌيڪ چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ. پوليس جي وفاقي سول حساس اداري جي مدد سان يونيورسٽي جي حد مان منشيات فروش خالد ابڙو کي 2 ڪلو آئيس سميت، باقراڻي ٿاڻي جي حد مان منشيات فروش سليم پتافي کي 6 ڪلو چرس سميت، دڙي ٿاڻي جي حد مان منشيات فروش ڪامران عرف ڌهايو ابڙو کي هڪ ڪلو 100 گرام چرس سميت، ليڊي ڪانسٽيبل جوابدارا نازيه ڪورائي کي 150 گرام آئيس ۽ سندس امڙ فرزانه کي 2 ڪلو 100 گرام چرس سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي،   ڪارروائي دوران ڪامران عرف ڌهايو ابڙو ۽ سندس فرار ساٿي دودو ابڙو هڪ ڪلو 200 گرام چرس ۽ نازيه ابڙو جو ساٿي نديم عرف ندو 2 ڪلو چرس اڇلائي فرار ٿي ويا. ان حوالي سان ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري ٻڌايو ته پوليس وفاقي سول حساس اداري جي مدد سان ڪارروائي ڪندي ليڊي پوليس ڪانسٽيبل نازيه ڪورائي، سندس امڙ فرزانه سميت بدنام زمانه خالد ابڙو، منشيات فروش ڪامران ابڙو ۽ سليم پتافي کي گرفتار ڪري ورتو آهي جن وٽان 2 ڪلو کان وڌيڪ آئيس ۽ 12 ڪلو کان وڌيڪ چرس هٿ ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته نازيه ڪورائي پوليس نوڪري ۽ وردي جي آڙ ۾ سنڌ صوبي جي مختلف ضلعن ۾ منشيات سپلائي ڪندي هئي، جنهن کي وڊيو ۾ پاڻ به چرس پيئندي ڏسي سگهجي ٿو.