لاڙڪاڻو: موبائيل چوري الزام ۾ گرفتار نينگر سان حراست ۾ بدفعلي جو انڪشاف: اهلڪار گرفتار

آڪٽوبر 24, 2024

لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ موبائيل چوري الزام ۾ گرفتار نينگر سان حراست ۾ بدفعلي جو انڪشاف، اهلڪار گرفتار،لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد علي آباد مان 6 ڏينهن اڳ موبائيل چوري جي الزام ۾ گرفتار 14 ورهين جي نينگر ساجد علي پٽ حبدار کوسو جي وارثن رحمت پور ٿاڻي جي پوليس اهلڪار ارباب شيخ مٿان حراست دوران نينگر کي بدفعلي جو نشانو بڻائڻ جي   شڪايت تي ڊي ايس پي حيدري پارس بکراڻي رحمت پور ٿاڻي پهچي نينگر جي وارثن، الزام هيٺ آيل اهلڪار توڙي ايس ايچ او ۽ ٻين کان تفصيل معلوم ڪيا ۽ معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وارثن کي انصاف فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي متاثر نينگر جي سئوٽ اصغر علي کوسو پنهنجي وارثن سان گڏجي ٿاڻي اندر احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته منهنجو سئوٽ ساجد علي کوسو چار ڪول هوٽل تي مزدوري ڪندو آهي، جنهن کي رحمت پور ٿاڻي جي پوليس 6 ڏينهن اڳ گرفتار ڪرڻ بعد سي آءِ اي ٿاڻي سميت خانگي هنڌن تي رکي، جنهن جي گرفتاري ظاهر نه ڪئي هئي، هن الزام لڳايو ته پوليس حراست دوران رحمت پور ٿاڻي جي پوليس اهلڪار ارباب شيخ منهنجي سئوٽ کي بدفعلي جو نشانو بڻايو آهي، جنهن جي حالت خراب ٿيڻ تي پوليس سئوٽ جي گرفتاري ظاهر ڪري موبائيل چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي هنن ڊي آءِ جي ايس ايس پي لاڙڪاڻو سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته پوليس اهلڪار ارباب شيخ خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻئي پاسي رحمت پور پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته نينگر جو ميڊيڪل ڪرايو پيو وڃي ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد حقيتون سامهون اچي وينديون

اهڙو واقعو برداشت جوڳو ناهي، ميرٽ تي انڪوائري ڪري رپورٽ اماڻي وڃي: گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار

لاڙڪاڻو: شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي پوليس اهلڪار ارباب شيخ طرفان 14 ورهين جي نينگر کي بدفعلي جو نشانو بڻائڻ واري معاملو اهڙي واقعي جو صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار نوٽيس وٺندي ايس ايس پي لاڙڪاڻو روحل کوسو کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو آهي ته اهڙي واقعا برداشت جوڳا ناهن، ميرٽ تي انڪوائري ڪري رپورٽ اماڻي وڃي

الزام هيٺ آيل پوليس اهلڪار گرفتار، واقعي جي انڪوائري جي لاءِ ڊي ايس پي جاچ آفيسر مقرر

لاڙڪاڻو: ايس ايس پي روحل کوسو 14 ورهين جي نينگر کي پوليس اهلڪار ارباب شيخ طرفان پوليس حراست دوران بدفعلي جو نشانو بڻائڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي پوليس اهلڪار ارباب شيخ کي تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم ڏيندي ڊي ايس پي حيدري پارس بکراڻي کي معاملي جي جاچ لاءِ انڪوائري آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايس پي روحل کوسو چيو آهي ته متاثر نينگر جي ميڊيڪل ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي، ميڊيڪل ۽ انڪوائري رپورٽ جي روشني ۾ وڌيڪ قانوني ۽ ڊپارٽمينٽل ڪارروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن ڊي آءِ جي ناصر آفتاب پٺاڻ نوٽيس وٺندي ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي هدايت ڪئي آهي ته نينگر جو ميڊيڪل ڪرائڻ سان گڏ الزام هيٺ آيل اهلڪار کي حراست ۾ ورتو وڃي

Leave A Comment