لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي ميونسپل ڪارپوريشن جي ڪروڙين روپين جي بجيٽ هوندي فائر برگيڊ گاڏيون ناڪارا بڻيل آهن، شهرين اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته فائر برگيڊ گاڏي نه هلڻ جي صورت ۾ عملو ڌڪا ڏيڻ لڳو، اهڙي ويڊيو شهرين سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي
ان حوالي سان شهرين ضلعي انتظاميا سميت ميونسپل ڪارپوريشن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو شهرين جو چوڻ هو ته ميونسپل جي ڪروڙين روپين جي بجيٽ هوندي فائر برگيڊ گاڏيون ناڪاره بڻيل جنهن سبب وڏي نقصان جو خدشو ٿي سگهي ٿو
شهرين پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزير اعلي سنڌ سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته فوري طور تي نوٽيس وٺي ناڪاره بڻيل فائر برگيڊ گاڏين کي بهتر بڻائي شهرين کي وڏي نقصان کان بچايو وڃي