لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت
جُون 16, 2025
لاڙڪاڻو ) پنهنجي ڊيسڪ ) لاڙڪاڻي ۾ نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت، لاڙڪاڻي جي رحمت پور ٿاڻي جي حد بازيگر پل وٽ نظر محلي واسي 6 ورهين جو نينگر شڪيل پٽ فتح محمد ٽڳڙ رائيس ڪئنال ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي ويو،واقعي جي اطلاع تي نينگر جي وارثن ۽ شهرين نينگر کي ڪڍي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، ضروري ڪارروائي بعد نينگر جو لاش گهر منتقل ڪيو ويو، جتي ڪهرام مچي ويو.