لاڙڪاڻو: پاڪستان انٽر بورڊ گرلز بيڊمنٽن چيمپئن شپ لاهور بورڊ کٽي ورتو

لاڙڪاڻو: پاڪستان انٽر بورڊ گرلز بيڊمنٽن چيمپئن شپ لاهور بورڊ کٽي ورتو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو جي نگراني ۾ پاڪستان انٽر بورڊ گرلس بيڊمنٽن چيمپئن شپ 2025 جو چيمپئن تعليمي بورڊ لاھور بڻجي ويو. ان سلسلي ۾ چيمپئن شپ جي فائنل ميچ ۾ تعليمي بورڊ لاھور جي حمنا ارشاد فاطمه، خان نور نثاءَ ۽ ثمھا نويد فيڊرل تعليمي بورڊ اسلام آباد جي عائشه ملڪ، مروا ۽ مروا حريم جي ٽيم کي 0-2 تان شڪست ڏئي فائنل جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. ٽئين پوزيشن جي ميچ ۾ تعليمي بورڊ مردان تعليمي بورڊ شھيد بيظير آباد کي 0-2 تان شڪست ڏئي ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. پاڪستان انٽر بورڊ گرلس چيمپئن شپ جي پھرين پوزيشن تعليمي بورڊ لاھور، ٻئين پوزيشن تعليمي بورڊ اسلام آباد ۽ ٽئين پوزيشن تعليمي بورڊ مردان حاصل ڪئي، جنهن کان پوءِ چيمپئن شپ جي اختتامي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ مھمان خاص ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن طاھر حسين سانگي، وڏي وزير جو صلاحڪار خيرمحمد شيخ، چيئرمين تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو خالد حسين مھر، اڳوڻي بيڊمنٽن سنڌ جي صدر نثار الله شيخ، تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو جي ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن محمد رمضان جمالي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب ۾ او پي ايف پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻو جي شاگردياڻين ٽيبلوز پيش  ڪيو. ان موقعي تي مھمان خاص پوزيشن کڻندڙ رانديگرياڻين کي ميڊلز سرٽيفڪيٽس ۽ ٽرافيون ڏنيون، فائنل ميچ ۾ سينئر ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن ايس ايم بي بي گورنمينٽ گرلس ڪاليج نئون ديرو نيلم کوکر، سينئر ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن ايس ايم بي بي گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن لاڙڪاڻو خادم حسين گوپانگ ۽ سينئر ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن سکر مسرت علي ميمڻ  ايمپائرنگ جا فرائض سرانجام ڏنا.