لاڙڪاڻو: پراڻي تڪرار تان گهر تي حملو: فائرنگ ۾ معصوم ٻار قتل: ماءُ، ڌيءُ زخمي

مَي 16, 2025

لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ڀرسان پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي حد ڳوٺ عاقل ۾ ڪجهه عرصي جي ٺاپر کان پوءِ کهڙا گاد تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو. هٿياربندن ڳوٺاڻي نظام الدين گاد جي گهر مٿان حملو ڪري ڏنو، جتي فائرنگ جي نتيجي ۾ ننڊ ستل سندس گهر ڀاتي 11 مهينن جو سندس معصوم پٽ علي گل گاد ٿڏي تي قتل ٿي ويو. جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب مقتول ٻار جي امڙ 40 ورهين جي صائمه خاتون ۽ سندس 8 ورهين جي ڀيڻ نور فاطمه گاد سخت زخمي ٿي پيا، واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي مقتول معصوم ٻار جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، ٻئي پاسي واقعي جو ايس ايس پي احمد چوڌري نوٽيس وٺندي ايس ايچ او عاقل کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.هوڏانهن پوليس موجب شروعاتي رپورٽ موجب واقعو 20 کان 25 سالن کان هلندڙ پراڻي دشمني جي نتيجي ۾ پيش آيو آهي، هڪ ئي ڳوٺ ۾ رهندڙ کهڙو ۽ گاد برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ تڪرار تان فائرنگ واقعي ۾ 11 مهينن جو ٻار قتل، عورت صائمه ۽ ٻارڙي نور فاطمه زخمي ٿي پيا آهن.جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته ڪجهه سال اڳ کهڙا ذات سان واسطو رکندڙ حسن کهڙو مارجي ويو هو، جنهن جي پلاند ۾ کهڙا ذات جي هٿياربندن نظام الدين گاد جي گهر تي حملو ڪري سندس 11 مهينن جي پٽ کي قتل ۽ سندس گهر واري توڙي ٻارڙي کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آهن.

لاڳاپيل پوسٽون

  • ڪراچي ۾ فائرنگ، عورت قتل

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • سنڌ ۾ پلاسٽڪ ٿيلهين تي پابندي، عوام اڻڄاڻ

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت