لاڙڪاڻو پوليس روڊ تي عدالت لڳائي ڇڏي ! سرعام منهن ۾ گوليون هڻي جوابدار فل فراءِ: وڊيو وائرل

لاڙڪاڻو پوليس روڊ تي عدالت لڳائي ڇڏي ! سرعام منهن ۾ گوليون هڻي جوابدار فل فراءِ: وڊيو وائرل

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد ۾ 27 ڊسمبر تي مبينا پوليس مقابلي ۾ جوابدار جي مارجڻ وارو معاملو، مبينا مارجي ويل جوابدار جي ويڊيو منظر عام تي اچي وئي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته روڊ ڀرسان رات جي اونداهيءَ ۾ پوليس اهلڪار مبينا جوابدار کي گوليون هڻي رهيو آهي، ان دوران مبينا جوابدار اهلڪارن کي ٻانهون ٻڌي منٿون ڪندي پڻ نظر اچي رهيو آهي. ٻئي طرف اهڙي ويڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ مبينا پوليس مقابلي واري معاملي ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. ان حوالي سان لاڙڪاڻي جي ساڃاهه وندن سنڌ حڪومت ۽ وس وارن کان گهر ڪئي آهي مبينا پوليس مقابلي ۾ شفاف جاچ ڪرائي اصل حقيقتون سامهون آنديون وڃن. واضح رهي ته 5 ڏينهن اڳ اهڙي واقعي ۾ پوليس اهلڪار زيب جتوئي زخمي ٿيو هو ۽ پوليس هڪ جوابدار جي مارجڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي هئي، جنهن جي سڃاڻپ قمبر- شهدادڪوٽ جي مهي مڪول واري علائقي جي رهواسي علي گل پٽ الھه رکيو ڪلھوڙو طور ٿي هئي، جنهن کان پوءِ سندس ڏوهي رڪارڊ ظاهر ڪندي کيس لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور ضلعن جي مختلف ٿاڻن جي ڪيسن ۾ جوابدار طور ڄاڻايو هو.
 

 نوجوان کي ڏوهاري ڄاڻائي پوليس قتل ڪيو آهي: وارث
 

قمبر (رپورٽر) لاڙڪاڻي ۾ مبينا مقابلي ۾ پوليس هٿان مارجي ويل قمبر جي ڳوٺ ماهي مڪول جي رهواسي علي گل ڪلهوڙو جي سئوٽ پرائمري استاد غلام مصطفيٰ ڪلهوڙو جو چوڻ هيو ته منهنجو سئوٽ علي گل ڪلهوڙو ڏوهاري نه هيو، لاڙڪاڻي گهمڻ لاءِ ويو ته پوليس کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڏوهاري ڄاڻائي ڇڏيو. هن وڌيڪ چيو ته پوليس جيڪي ڪيس ظاهر ڪيا آهن اهي ختم ٿيل آهن، جيڪڏهن پوليس چوي ٿي ته ڏوھ پيو ڪري ته کيس زخمي ڪرڻ بعد اسپتال کڻائي وڃي علاج ڪرايو وڃي ها ڪيس داخل ڪيو وڃي ها، وڊيو ۾ کين منٿون ڪري رهيو آهي، تنهن باوجود پوليس کيس گوليون هڻي قتل ڪري اسان سان وڏو ظلم ڪيو آهي، سموري واقعي ۾ حيدري ٿاڻي جو ايس ايچ او ملوث آهي داخل ڪيل ايف آءِ آر به ڪوڙي آهي، اسين آءِ جي سنڌ پوليس کان مطالبو ٿا ڪريون ته واقعي جو نوٽيس وٺي بيدردي سان قتل ڪيل سئوٽ علي گل جي قتل ۾ ملوث اهلڪارن مٿان ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.
 

سرعام روڊ تي جوابدار مارڻ جو نوٽيس: پوليس اهلڪار گرفتار، جاچ شروع
 

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد ۾ 4 ڏينهن اڳ مبينا پوليس مقابلي ۾  جوابدار مارجڻ وارو معاملو، پوليس اهلڪار طرفان جوابدار کي شهرين جي وچ ۾ گولي هڻڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري معاملي جو نوٽيس ورتو، ڏوهاري کي گولي هڻندڙ حيدري ٿاڻي جي اهلڪار عرض محمد کي گرفتار ڪرائي ورتو، پوليس گرفتار اهلڪار کان جاچ شروع ڪري ڇڏي. ان حوالي سان ايس ايس پي لاڙڪاڻو جو چوڻ هو ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي، چاهي اهو عام شهري هجي، ڏوهاري هجي يا ڪو پوليس آفيسر يا اهلڪار. ان جي باوجود انصاف جون گهرجون پوريون ڪيون وينديون.