لاڙڪاڻو پوليس پاران سرعام جوابدار مارڻ جي جاچ: وڌيڪ وڊيو هٿ

لاڙڪاڻو پوليس پاران سرعام جوابدار مارڻ جي جاچ: وڌيڪ وڊيو هٿ

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)  لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد ۾ 6 ڏينهن اڳ مبينا پوليس مقابلي ۾ جوابدار علي گل ڪلهوڙو جي مارجڻ واري واقعي جي وڌيڪ هڪ ويڊيو سامهون اچي وئي، سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون اچڻ کانپوءِ واقعي نئون رخ اختيار ڪري ورتو، ڊي آءِ جي، ايس ايس پي جيڪب آباد جي اڳواڻيءَ ۾ جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيجز جي هٿ ڪيل ويڊيو ۾ ڏسي سگهي ٿو ته الڳ الڳ موٽرسائيڪلن تي سوار ماڻهو هڪٻئي تي فائرنگ ڪري رهيا آهن، هڪٻئي تي فائرنگ ڪندي جهيڙيندڙ ماڻهن جو تعداد 8 کان وڌيڪ نظر اچي رهيو آهي. واضح رهي ته هڪ ڏينهن اڳ به ساڳي ئي واقعي جي هڪ وڊيو سامهون آئي هئي جنهن ۾ پوليس اهلڪار علي گل ڪلهوڙو مٿان فائرنگ ڪندي نظر رهيو هو. هوڏانهن مختلف وڊيوز سامهون اچڻ بعد واقعو نئون رخ اختيار ڪري ورتو جنهن کان پوءِ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي جيڪب آباد محمد ڪليم ملڪ کي واقعي جي جاچ جو حڪم ڏيندي کيس جاچ آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري پڻ واقعي جو نوٽيس ورتو هو، جنهن کانپوءِ فائرنگ ڪندڙ اهلڪار کي حراست ۾ ورتو هو، پوليس پهرين ڏينهن تي واقعي کي مقابلو ڄاڻائي ڏوهاري علي گل ڪلهوڙو کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي هئي ۽ ڪرمنل رڪارڊ به ظاهر ڪيو هو.