لاڙڪاڻو پوليس پاران سرعام نوجوان مارڻ وارو معاملو عدالت پهچي ويو

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد ۾ 20 ڏينهن اڳ پوليس اهلڪار طرفان سرعام فائرنگ ڪري مهي مڪول واسي مبينا جوابدار علي گل ڪلهوڙو کي قتل ڪرڻ واري واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ سندس سئوٽ غوث بخش ڪلهوڙو طرفان پنهنجي وڪيل اطهر عباس سولنگي معرفت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج لاڙڪاڻو جي عدالت ۾ 22 اي جي درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن ۾ هن ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايچ او حيدري کي ڌر بڻائيندي اڳوڻي ايس ايچ او حيدري عبدالرزاق گائينچو، وڏي منشي نثار سيال، ڪانسٽيبل عزيز احمد جتوئي، ڪانسٽيبل عرض محمد جتوئي سميت حيدري ٿاڻي جي سموري عملي مٿان واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جي استدعا ڪئي هئي، جنهن درخواست جي ٻڌڻي لاڙڪاڻي جي پنجين ايڊيشنل سيشن جج لاڙڪاڻو جي عدالت ۾ ٿي، جتي ٻڌڻي دوران اڳوڻو ايس ايچ او حيدري عبدالرزاق گائينچو، وڏو منشي نثار سيال پنهنجي وڪيل معرفت عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ سندن وڪيل وڪالت نامون جمع ڪرائي عدالت کان مهلت گهري جيڪا مهلت عدالت منظور ڪندي درخواست جي ٻڌڻي 20 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي..