لاڙڪاڻو: ٿاڻي مان نوجوان جو لاش ملڻ جو جرڳو: اڳوڻو ايس ايچ او ۽ ٽرانسپورٽر ذميوار، 25 لک چٽي

جنوري 3, 2025

لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو)لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي لاڪ اپ مان 2 مهينا اڳ لب مهراڻ واري علائقي واسي چوري جي الزام هيٺ گرفتار 24 ورهين جي نوجوان ساحل سولنگي جو ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو هو، جنهن معاملي جو نبيرو ڪوٽ داراب وليد محلا ۾ جي ڊي اي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي معظم علي عباسي ۽ اشرف سولنگي جي سرپئنچي هيٺ ٿيو، جنهن ۾ الزام هيٺ آيل اڳوڻو ايس ايچ او وليد عبدالرزاق ٽڳڙ، پوليس اهلڪار حبدار چانڊيو، نوجوان مٿان چوري جي ايف آءِ آر داخل ڪرائيندڙ ٽرانسپورٽر اڳواڻ علي حسن ڪهيري، سندس پٽ شاهه جهان، رابيل ڪهيري سميت سولنگي ڌر طرفان حافظ منظور سولنگي، ڪجلو خان مري ۽ غلام شبير سولنگي، علي حسن ڪهيري جي ڌر طرفان جاويد مٺاڻي ۽ معشوق مغيري ۽ اڳوڻو ايس ايچ او وليد عبدالرزاق ٽڳڙ ۽ پوليس اهلڪار طرفان حبيب کوکر، علي حسن ملگاڻي، علي گل عمراڻي مشير طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جي ڊي اي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي معظم علي عباسي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌي وليد ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايچ او عبدالرزاق ٽڳڙ ۽ علي حسن ڪهيري مٿان 25 لک رپيا خون بها جي چٽي جي فتويٰ پڙهي ٻڌائي. ان موقعي تي ايس ايچ او عبدالرزاق ٽڳڙ ۽ علي حسن ڪهيري طرفان 3 لک رپيا بخشرايا ويا. فتويٰ موجب ايس ايچ او عبدالرزاق ٽڳڙ ۽ علي حسن نوجوان ساحل سولنگي جي وارثن کي مجموعي طور 23 لک رپيا چٽي جي رقم ادا ڪندا، الزام هيٺ آيل ڌر 15 ڏينهن بعد 5 لک رپيا نوجوان وارثن کي چٽي جي رقم ادا ڪرڻ بعد قسطن جي صورت ۾ رهيل رقم ادا ڪندا.

نوجوان جي پوسٽ مارٽم ۽ جاچ رپورٽ اڃا جاري نه ٿي سگهي !

لاڙڪاڻو: واقعي جي ايف آءِ آر عدالتي حڪم تي نوجوان جي والد سعيد سولنگي جي فرياد تي ايس ايچ او وليد عبدالرزاق ٽڳڙ، پوليس ڪانسٽيبل حبدار چانڊيو، بااثر علي حسن ڪهيري، سندس پٽن شاهه جهان ۽ رابيل سميت 2 اڻڄاتل جوابدارن مٿان وليد ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي هئي، جنهن کانپوءِ ايس ايس پي روحل کوسو، ايس ايچ او عبدالرزاق ٽڳڙ، وڏي منشي الاهي بخش کوسو، طفيل احمد عمراڻي ۽ خالد حسين ريتي کي معطل پڻ ڪيو هو، جڏهن ته آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پڻ اهڙي واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي ٽريننگ سنڌ فيض الله ڪوريجو جي سربراهيءَ ۾ فيڪٽ فائينڊنگ ڪاميٽي جوڙي کيس 5 ڏينهن جي اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، جنهن واقعي جي ڪجهه ڏينهن بعد وليد ٿاڻي جي لاڪ اپ جو معائنو ڪرڻ سان گڏ ڌرين جا بيان قلمبند ڪيا هئا جيڪا رپورٽ اڃان تائين جاري نه ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي نوجوان جي حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ٿي سگهي هئي.

الزام هيٺ آيل پوليس اهلڪار پاڻ بي ڏوهي ثابت ڪرڻ لاءِ  متاثر ڌر ڏانهن ميڙ کڻي ويندو: فتويٰ

لاڙڪاڻو: فتويٰ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ساڳي ئي معاملي ۾ الزام هيٺ آيل پوليس اهلڪار حبدار چانڊيو طرفان معاملي کان لاتعلقي جو اظهار ڪندي پاڻ کي بي ڏوهي ثابت ڪرڻ لاءِ قسم ساک کڻڻ سان گڏ سولنگي برادريءَ ڏانهن جي تڏي تي ميڙ کڻي ويندو، جنهن کان پوءِ سولنگي برادريءَ طرفان کيس معاف ڪيو ويندو. اهڙي فتويٰ بعد ڌرين کي کيرکنڊ ڪري ڀاڪر پارايا ويا.

اسان ٻنهي ڌرين وچ ۾ ٺاهه ڪرايو آهي: معظم علي عباسي

لاڙڪاڻو: جي ڊي اي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي معظم علي عباسي چيو ته اسان ڌرين ۾ مصحلت ڪرائي آهي ۽ فيصلو اصلاح جو ڪيو آهي ته جيئن ڌرين جي دلين مان بغض ختم ٿئي تنهن ڪري اسان ايس ايچ او ۽ علي حسن ڪهيري مٿان 25 لک رپيا چٽي وڌي آهي.

Leave A Comment