لاڙڪاڻو ۾ به کدڙا فقير مخصوص سيٽن لاءِ ميدان تي اچي ويا

مَي 31, 2023

لاڙڪاڻو(رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ضلعي ۾ به کدڙا فقير مخصوص سيٽن تي اميدوار بڻجڻ لاءِ ميدان تي اچي ويا آهن

مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل، ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو، ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو ۽ ٽائون ڪاميٽين جي مخصوص سيٽن لاءِ مجموعي طور تي 6 خواجه سرائن طرفان نامزدگي فارم ۽ پارٽي ٽڪيٽون جمع ڪرايون ويون آهن

فارم ڀرائيندڙن مان 4 جو واسطو پيپلز پارٽي ۽ 2 جو واسطو جي ڊي اي سان آهي

 اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل انگ اکرن موجب ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو جي خواجه سراءِ جي سيٽ لاءِ پ پ پاران پناهه فقير، ميونسپل ڪارپوريشن لاءِ عبدالستار فقير، شهزادو شيخ فقير ۽  ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن دڙي لاءِ شاهنواز فقير اميدوار آهن

ٽائون ڪاميٽي ڏوڪري جي خواجه سراءِ سيٽ لاءِ جي ڊي اي طرفان منور فقير ۽ ٽائون ڪاميٽي باڊهه جي خواجه سراءِ جي مخصوص سيٽ لاءِ  صفيه خاتون پنهنجا نامزدگي فارم ۽ پارٽي ٽڪيٽون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن.

لاڳاپيل پوسٽون

  • سنڌ ۾ پلاسٽڪ ٿيلهين تي پابندي، عوام اڻڄاڻ

  • حڪومت پئٽرول جا اگهه وڌائي ڇڏيا

  • رستم: ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا مبينا اغوا

  • شڪارپو مان اغوا ٿيل نينگر بازياب