لاڙڪاڻو ۾ 4 ٽائون ڪميٽين لاءِ به پ پ جا 4-4 اميدوار آمهون سامهون

مَي 29, 2023

لاڙڪاڻو(رپورٽ: نادر ابڙو)  لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن جي 4 ٽائون ڪاميٽين تي پيپلز پارٽي جا 4-4 اميدوار چيئرمين شپ ماڻڻ لاءِ ميدان تي لهي پيا آهن

ذريعن موجب حيدري ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين شپ لاءِ يوسي 2 جو وائيس چيئرمين عبدالحق کهاوڙ، يوسي 3 جو وائيس چيئرمين علي مراد ميراڻي، يوسي 4 جو وائيس چيئرمين سيد ظفر علي شاهه ۽ يوسي 5 جو منور لهر به سرگرم ٿي ويا آهن

هي به پڙهندا

 ايمپائر ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين شپ لاءِ يوسي 3 جو وائيس چيئرمين وقار ڀٽو، يوسي 2 جو وائيس چيئرمين آفتاب اصغر عباسي، يوسي 5 جو وائيس چيئرمين مير ماجد بروهي، يوسي هڪ جو انعام گل سانگي اميدوار آهن

سچل ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين شپ لاءِ سچل ٽائون يوسي 3 جو وائيس چيئرمين سرائي سرفراز کوکر، يوسي 4 جو وائيس چيئرمين عبدالوهاب رند ۽ ٻيا شامل آهن

دڙي ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين شپ لاءِ يوسي 2 جو وائيس چيئرمين اسد کرل ۽ 5 جو وائيس چيئرمين محمد هارون هليو شامل آهن

لاڳاپيل پوسٽون

  • سجاول جوڻيجو ڀرسان 2 ناريون مبينا اغوا

  • مهانگائي چارسيڪڙو کان به گهٽ آهي: خواجه آصف

  • ڪوٽ غلام محمد: ناري ۽ نوجوان پاران مبينا آپگهات

  • راڻيپور لڳ جهيڙو ، 2 ڄڻا قتل