لاڙڪاڻي اسپتال ۾ ويم لاءِ آيل عورت ٻار سميت فوت، ڊاڪٽرياڻين تي غفلت جو الزام

لاڙڪاڻي اسپتال ۾ ويم لاءِ آيل عورت ٻار سميت فوت، ڊاڪٽرياڻين تي غفلت جو الزام

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي شيخ زيد عورتاڻي اسپتال ۾ ويم لاءِ داخل شهدادڪوٽ ڀرسان ڳوٺ گولو واهه جي رهواسڻ 8 ٻارن جي ماءُ 40 ورهين جي نازيه زال راضي خان کوسو ۽ سندس پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار فوت ٿي ويا،  وارثن اسپتال جي ڊاڪٽرياڻين ۽ عملي مٿان غفلت جو الزام لڳائيندي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي فوتي عورت جي ڀاءُ هدايت الله کوسو الزام لڳائيندي چيو ته منجهند 12 وڳي ڌاري مان پنهنجي ڀيڻ نازيه کوسو کي ويم لاءِ لاڙڪاڻي جي شيخ زيد عورتاڻي اسپتال داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽرياڻين جي مشوري تي مان هزارين رپين جون قيمتي دوائون خريد ڪيون ڪري رت جون 8 ٿيلهيون کين ڏنيون ان جي باوجود ڊاڪٽرياڻين ڀيڻ جو علاج نه ڪيو جن کي مان ايلاز منٿون به ڪيون پر هنن منهنجي هڪ به نه ٻڌي جن جي غفلت ۽ لاپرواهي سبب منهنجي ڀيڻ 8 ٻارن جي امڙ نازيه کوسو اسپتال جي وارڊ ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي جڏهن ته سندس پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار به فوت ٿي ويو آهي. هن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڀيڻ جي علاج ۾ غفلت جو مظاهرو ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.