لاڙڪاڻي جا انتظامي مامرا رلي ويا، ميئر ۽ ڊپٽي ميئر پهريون اجلاس نه سڏائي سگهيا

جُولاءِ 5, 2023

لاڙڪاڻو(رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي شهر جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر حلف کڻي ورتو پر 16ڏينهن گذرڻ باوجود ميونسپل ڪارپوريشن جو اجلاس نه سڏائي سگهيا، انتظامي مامرا رولڙي جو شڪار ٿي ويا آهن

لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر انور علي لهر ۽ ڊپٽي ميئر محمد امين شيخ طرفان گذريل 19 جون تي پنهنجي عهدي جو حلف کڻڻ بعد 16 ڏينهن گذرڻ جي باوجود هن وقت تائين ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو جي چونڊيل مڪاني ادارن جي نمائندن جو اجلاس نه سڏائي سگهيا آهن ۽ نه ئي نئين مالي سال 2024-2023 جي بجيٽ اجلاس ٿي سگهيو آهي

ٻڌايو پيو وڃي ته سنڌ حڪومت طرفان اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو رابعه سيال سميت سنڌ جي ٻين ايڊمنسٽريٽرن کي هٽائي مڪاني ادارن جا مالي توڙي انتظامي اختيار واپس ڪري ڇڏيا هئا

اهي اختيار لاڙڪاڻي جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر ڏانهن منتقل ٿيا هئا پر هن وقت تائين ميونسپل ڪارپوريشن جي بجيٽ پاس نه ٿيڻ تي ڪيترائي مالي معاملا رولڙي جو شڪار ٿي ويا آهن

ڊپٽي ميئر محمد امين شيخ رابطي تي ٻڌايو ته  ٽن ڏينهن اندر اجلاس ڪرايو ويندو هن وڌيڪ چيو ته ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جو هن وقت تائين نوٽيفڪيشن جاري نه ٿي سگهيو آهي تنهن باوجود به پنهنجو ڪم جاري آهي

Leave A Comment