لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي بندر روڊ ٽانگا اسٽينڊ وٽ 200 سالا پراڻي تاريخي وڻ جي واڍي خلاف شهرين علامتي ڪفن پائي احتجاجي مظاهرو ڪيو،
ان موقعي تي عبدالرزاق ڏيرو، احمر اڪبر ڦل، قادربخش ڪمانگر، حافظ بشير شيخ، سعيد شيخ، مسڪين ارباب مگسي، عاشق ٻوسڻ، احد سرهيو، ناياب سرڪش، سلميٰ ڀٽو ۽ ٻين چيو ته پپل جو وڻ 1937ع ۾ شهدادڪوٽ مان لڏي آيل هندو واپاري جي ملڪيت آهي،
جتي ڪنهن زماني ۾ پاڻي ڏنو ويندو هو ۽ هتي ٽانگا اسٽينڊ به هو، جنهن تي ضلعي انتظاميا اڏاوت ڪرڻ چاهي ٿي، هنن چيو ته اسان ڪجهه عرصو اڳ وزيراعظم پورٽل تي شڪايت ڪري اسٽي ورتي پر هاڻي ضلعي انتظاميا جي حڪم تي پپل جي وڻ کي وڍرائي شاپنگ سينٽر ۽ دوڪان ٺهرايا پيا وڃن،
جڏهن ته وڻ جون پاڙون کوٽي ان کي سڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن ڪري سول سوسائٽي جا اڳواڻ ۽ شهري ڏينهن رات چوڪيداري ڪري رهيا آهن، هنن وڻ کي وڍرائڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.