| لاڙڪاڻي جو پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙو ڪراچي ۾ گوليون ۽ ڇريون هڻي بيدردي سان قتل |
ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي جي لاسي ڳوٺ ۾ هٿياربندن گهر ۾ گهڙي پسند جو پرڻو ڪندڙ لاڙڪاڻي واسي جوڙي کي گوليون ۽ ڇريون هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، ٻٽي قتل بعد جوابدار آساني سان فرار ٿي ويا. پوليس موجب ٻٽي قتل جو واقعو سهراب ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ لاسي ڳوٺ ۾ ٿيو، پوليس پهچي شاهديون گڏ ڪرڻ لاءِ ڪرائم سين يونٽ کي طلب ڪيو. مقتوله عورت جي سڃاڻپ 28 ورهين جي لطيفان مگسي ۽ مرد جي سڃاڻپ 30 ورهين جي نصرالله ولد محمد بچل لانگاهه طور ڪئي وئي آهي. هوڏانهن ايس ڊي پي او سهراب ڳوٺ اورنگزيب خٽڪ ٻڌايو ته مقتولا جو تعلق لاڙڪاڻي ۽ مرد جو تعلق ميرو خان سان هو، ٻنهي پنج مهينا اڳ ڪورٽ ميريج ڪئي هئي. ابتدائي جاچ موجب جوڙي کي پسند جي شادي ڪرڻ جي بنياد تي غيرت جي نالي ۾ قتل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ 4 کان 5 جوابدار ملوث آهن، جڏهن ته واقعي واري هنڌ تان گولين جا خول، هڪ زنده رائونڊ ۽ ٽي ڇريون به هٿ آيون آهن، جن مان هڪ ڇري تي رت لڳل هو. پوليس موجب عورت جي لاش رت ۾ ٻڏل هئي، ڊي ايس پي وڌيڪ ٻڌايو ته مقتولا جو ڪو به مائٽ سامهون ناهي آيو. جڏهن ته نصرالله جو ڀاءُ واقعي واري هنڌ موجود هو، جنهن جوابدارن کي ڏسي ڀڄي جان بچائي، مقتول نصر ﷲ سيڪيورٽي ڪمپني ۾ ڪم ڪندو هو.