لاڙڪاڻي جيل مان لوهه چوري ٿيڻ جو انڪشاف: اهلڪارن جو چوڪيدار مٿان تشدد

مَي 22, 2023

لاڙڪاڻو( بيورورپورٽ) سينٽرل جيل لاڙڪاڻو ۾ سرڪاري لوھ وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جيل جي گيٽ تي مقرر پوليس اهلڪار ۽ جيل اندر مقرر پوليس اهلڪارن ۾ جهيڙو ٿي پيو

جيل مان لوهه جو ڀريل ٽريڪٽر جيئن ئي گيٽ تي پهتو ته اتي مقرر اهلڪار ان کي روڪي ورتو

ٽريڪٽر روڪڻ تان پوليس اهلڪار ذوالفقار شاھ ۽ ٻين پوليس اهلڪارن لٺين ۽ مڪن جو وسڪارو ڪري گيٽ تي مقرر پوليس اهلڪار کي زخمي ڪري رتورت ڪري ڇڏيو

سيد عشرت شاهه ٻڌايو ته جيل سپريڊنٽ جا خاص پوليس اهلڪار سرڪاري لوهه  جو ٽريڪٽر ڀري گيٽ تي پهتا ته انهن کي روڪيو جنهن تان مون مٿان تشدد ڪيو ويو.

هن چيو ته منهنجي گيٽ تي ڊيوٽي آهي لوھ ٻاهر کڻي وڃڻ وارو ليٽر پڇيو  جيڪو ڏيکارڻ بدران پوليس اهلڪارن مون مٿان حملو ڪيو

سيد عشرت شاهه چيو ته جيل اندر رشوت سرعام هلي رهي آهي. جيل سپريڊنٽ جي خاص پوليس اهلڪارن ذوالفقار موريو، امتياز کوسو، همٿ جاگيراڻي مون مٿان حملو ڪري سخت تشدد ڪيو آهي

واقعي جي ڪوريج ڪرڻ لاءِ پهتل ڪئمرامين ٽيم کي به پوليس اهلڪارن روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مٿن الرون به ڪيون

ٻئي پاسي جيل سپرينٽينڊنٽ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته  سيد عشرت شاھ جي ڪراچي بدلي ڪئي آهي تڏهن الزام پيو هڻي

Leave A Comment