لاڙڪاڻي جي سياست ۾ وڏي اٿل پٿل: اڳوڻو ايم پي اي معظم عباسي فنڪشنل ليگ ۾ شامل

لاڙڪاڻي جي سياست ۾ وڏي اٿل پٿل: اڳوڻو ايم پي اي معظم عباسي فنڪشنل ليگ ۾ شامل

پيرجوڳوٺ (رپورٽ: بلاول  جوڻيجو) لاڙڪاڻي جي سياست ۾ وڏي اٿل پٿل، اڳوڻو ايم پي اي معظم علي  عباسي فنڪشنل ليگ ۾ شموليت ڪري ڇڏي،  پير ڳوٺ ۾ فنڪشنل ليگ جي سربراھ پيرپاڳاري سان ملاقات کانپوءِ فنڪشنل ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو باضابطه اعلان،ان ڏس ۾  پيرجوڳوٺ ۾ حر جماعت جي روحاني پيشوا جي ڊي اي سربراهه پير صبغت الله شاهه المعروف پيرپاڳاري طرفان شهرين ۽ پارٽي اڳواڻن سان عيد ملن پارٽي منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پيرڳوٺ جي شهرين سميت سنڌ جي مختلف علائقن مان پارٽي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي حر جماعت جي روحاني پيشوا جي ڊي اي سربراهه پير صبغت الله شاهه المعروف پيرپاڳاري خطاب ڪندي چيو ته گذريل اليڪشن نه پر سليڪشن هئي، ننڍي ٻار کي به خبر هئي ته اليڪشن جو سودو ٿيل آهي، مونکي اليڪشن کان اڳ ٻڌايو ويو ته ڀلي توهان ڪامياب ٿيو پر توهان جا فلاڻا فلاڻا ماڻهو ڪامياب نه ٿيندا، پيرپاڳاري وڌيڪ چيو ته جي ڊي اي ڪڏهن به ختم نه ٿي ٿئي سگهي، جيسيتائين آئون آهيان جي ڊي قائم رهندي، مان آخري ماڻهو هوندس جيڪو جي ڊي اي ۾ هوندس. پيرپاڳاري عيد ملن پارٽي کي وڌيڪ خطاب ڪندي چيو ته جيڪي جي ڊي اي ڇڏي ويا انهن کي ڏسو، شروع ۾ پ پ جي ليڊرن انهن کي عزت ڏني، هاڻ انهن جي فون به اٽينڊ نه ٿا ڪن، هن وڌيڪ چيو ته مهانگائي عروج جي پهچي چڪي آهي عيد جا ڏينهن گذرن مهانگائي جو پتو پئجي ويندو ته مهانگائي ڪٿي پهتي آهي،  سبزي ۽ گوشت جا اگهه هڪ جيترا ٿيندا. اڳتي اڃا حالتون خراب ٿينديون، خدا پاڪ سڀني کي حفظ امان ۾ رکي،   پيرپاڳاري وڌيڪ چيو ته هاڻ ٽن ويلن جي ٺهيو پر هڪ ويلي جي ماني ۾ پريشان آهن، پيرپاڳاري چيو ته اسان جي ڳوٺ وارن جي مهرباني جيڪي هميشه اسان سان ڏک سک ۾ گڏ هوندا آهن، پيرپاڳاري چيو ته عباسي برادري جي معظم خان عباسي جو ٿورائتو آهيان، مون سان گڏ ٿيو آهي، جيڪو حال هوندو ان سان گڏ هوندس. ٻئي طرف اڳوڻي ايم پي اي معظم عباسي چيو ته پيپلزپارٽي سان هڪ صدي جو ناتو هو، هنن قربانيون ڏنيون پر قدر نه ڪيو ويو، 1928ع واري چونڊن اليڪشن وڙهي، هن وقت جيڪا پيپلزپارٽي سنڌ جي حالت ڪئي آهي اها ڪنهن به ڳجهي ناهي، هن چيو ته پير صاحب پاڳاري جي وڏي شفقت آهي عزت مان ڏنو، پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي، انشاءَ الله پيرپاڳاري جو حر ڪم ڪنداسين.