Home » قديمي وڻ جي ڪٽائي:معاملو عدالت پهچي ويو، ميئر سميت اختياريون طلب
قديمي وڻ جي ڪٽائي:معاملو عدالت پهچي ويو، ميئر سميت اختياريون طلب
جُون 22, 2023
لاڙڪاڻو (رپورٽ نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ قديمي پيپل جي وڻ جو ڪٽڻ وارو معاملو عدالت ۾ پهچي ويو، ميئر سميت اختياريون ۽ پوليس آفيسر سڀاڻي عدالت طلب ڪيا ويا آهن
شهر جي بندر روڊ واري علائقي ۾ 100 سالن کان وڌيڪ قديمي پپل جي وڻ جي واڍي خلاف اڳوڻي صوبائي صلاحڪار امين مينگل جي پٽ مير جاويد مينگل پنهنجي وڪيل علي محمد ڪناسرو معرفت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي
عدالت داخل ڪيل پٽيشن تي ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو جي ميئر، ڊپٽي ڪمشنر ، ڊسٽرڪٽ فاريسٽ آفيسر، ايس ايس پي ، ايس ايڇ او مارڪيٽ ۽ ٽريفڪ سارجنٽ زون ون کي نوٽيس جاري ڪندي سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي
درخواست گذار موقف اختيار ڪيو آهي ته آئون بندر روڊ تان ويس پئي جتي نامعلوم جوابدار 100 سالن کان وڌيڪ قديمي پيپل جي وڻ کي وڍي رهيا هئا جن کي منع ڪئي ۽ بعد ۾ مارڪيٽ ٿاڻي تي پهچي شڪايت ڪئي پر پوليس وڌيڪ ڪارروائي نه ڪئي
درخواست گذار عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته جوابدارن ۽ نامعلوم ماڻهن کي لاڙڪاڻي شهر ۾ پيپل جي وڻ ۽ ٻين قسمن جي وڻن جي غير قانوني ڪٽڻ کان روڪيو وڃي
سندس چوڻ آهي ته ڊسٽرڪٽ فاريسٽ آفيسر لاڙڪاڻو کي هدايت ڪئي وڃي ته لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪورٽ جي احاطي ۾ وڻ ۽ ٻيا ٻوٽا پوکيا وڃن،
درخواست گذار جو موقف آهي ته شهر ۾ وڻن کي هٽائيندڙ سرڪاري جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ سان گڏ انڪوائري ڪرائي ايس ايڇ او مارڪيٽ کي هدايت ڪئي وڃي ته درخواست گذار جو بيان رڪارڊ ڪري جيئن جوابدارن ۽ نامعلوم ماڻهن خلاف ڪيس داخل ٿي سگهي