لاڙڪاڻي ۾ ڪتن 15 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو
مَي 15, 2023
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ )لاڙڪاڻي سميت شهر جي آس پاس وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار گھٽجي نه سگهيو ڪتن هڪ ئي ڏينهن ۾ 15 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جڏهن ته زخمين ۾ 7 ورهين جو فرمان علي پٽ لعل بخش شر، 5 ورهين جو صديق پٽ ياسين بليدي، 7 ورهين جو امداد علي پٽ نور احمد لاشاري، 6 ورهين جو وقاص پت وقار سومرو، 6 ورهين جو ياسر پٽ ياسين ڪلهوڙو سميت ٻيا شامل آهن. اسپتال انتظاميه جو چوڻ هو ته ڪتي ڏاڙهيل زخمي قمبر شهدادڪوٽ ،شڪارپور ،لاڙڪاڻي سميت باقراڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن مان آهن جن کي طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد ويڪسين ڏئي علاج بعد گهر روانو ڪيو ويو آهي.