لاڙڪاڻو (رپورٽ: نويد لاڙڪ) لاڙڪاڻي جي مسيحا ڊاڪٽر بلقيس ملڪ لاڏاڻو ڪري وئي، ڊاڪٽر بلقيس ڪجهه عرصي کان بيمار هئي، 92 ورهين جي ڄمار ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو
ڊاڪٽر بلقيس کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 1974 ۾ لنڊن مان لاڙڪاڻي وٺي آيو هو، ڳچ عرصو گائناڪالاجسٽ طور شيخ زيد زناني اسپتال ۾ ڪم ڪندي رهي، رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ ڊاڪٽر بلقيس سچل ڪالوني ۾ پنهنجي ٽرسٽ کوليو
ڊاڪٽر بلقيس پوري ڄمار شادي نه ڪئي ۽ هن ملڪ ڪيترائي يتيم ٻار هنج به ورتا، سندس وڇوڙي تي سڄاڻ حلقن ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي
ڊاڪٽر بلقيس لاڙڪاڻي ۾ عورتن جي علاج لاءِ زندگي ارپيندڙ ڪردار
ڊاڪٽر بلقيس ملڪ 20 فيبروري 1929ع تي ڪراچي ۾ جنم ورتو، بنيادي طور هن جي خاندان جو تعلق لاهور جي هڪ اعليٰ فيملي سان هو
ڊاڪٽر بلقيس ملڪ 1958ع ۾ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي مان ايم بي بي ايس ڪرڻ بعد ايف سي پي ايس ۽ ايف آر سي ايس لا۽ رائل ميڊيڪل ڪاليج لنڊن هلي وئي، اتان ماسٽرس ڪرڻ بعد ايڊوانس ڪورسز لاءِ آمريڪا وئي
بيگم اشرف ڊاڪٽر بلقيس جي ذوالفقار ڀٽو سان ملاقات ڪرائي
ڊاڪٽر بلقيس 1972ع ۾ جڏھن پاڪستان واپس آئي ته پشاور ۾ هڪ ميڊيڪل پراجيڪٽ جي سلسلي ۾ وئي ۽ واپسي تي اسلام آباد ۾ سندس ملاقات قومي اسمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي سان ٿي جيڪا سندس ساهيڙي هئي
ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي کي ڀٽو صاحب خواتين جي مخصوص نشست تي قومي اسمبلي جو ميمبر بڻايو هو ۽ پوءِ کيس ڀٽو صاحب قومي اسمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر به چونڊرايو، ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي ڊاڪٽر بلقيس ملڪ کي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو سان ملاقات ڪرائي
هڪ ته ڪڏهن لاڙڪاڻو نه ڏٺو ٻيو وري غير شادي شده، گهروارا به ناراض ٿيا
ذوالفقار ڀٽو ڊاڪٽر بلقيس ملڪ چيو ته سنڌ ۾ ميڊيڪل ڪاليج صرف ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آھن منهنجي خواهش آھي ته هڪ ميڊيڪل ڪاليج اتر سنڌ ۾ به هئڻ کپي ان سان نه صرف اتر سنڌ بلڪه بلوچستان جي ماڻھن کي به فائدو ٿيندو ان لاءِ منهنجي خواهش آھي ته اوهان نئين قائم ٿيندڙ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ عورتن واري شعبي کي سنڀاليو
هڪ موقعي تي ڊاڪٽر بلقيس چيو هو ته هن لاءِ اها حيران ڪندڙ ڳالهه هئي هڪ ته زندگي ۾ ڪڏھن لاڙڪاڻو ڏٺو ئي ڪونه هو ٻيو غير شادي شده هئس پر ڀٽو صاحب سان انڪار نه ڪري سگهيس مون ڀٽو صاحب سان ها ڪري ڇڏي اها خبر جڏھن گهر وارن کي پئي ته هو مٿس ناراض ٿيا پر هو وعدي مطابق لاڙڪاڻي اچي پهتي
انهن ڏينهن ۾ سنڌ جو وزير صحت عبدالوحيد ڪٽپر ۽ سيڪريٽري هيلٿ علي محمد انصاري هو جڏھن ته لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ ھيڊ ڪواٽر اسپتال جو ايم ايس ڊاڪٽر سڄڻ ميمڻ ھو، سيڪريٽري هيلٿ علي محمد انصاري سندس نوڪري جو آرڊر جاري ڪري ڇڏيو
ڊاڪٽر بلقيس ٽيبل تي سمهندي هئي، ڦڻي ۽ ٽوٿ برش ايپران ۾ پيل هوندا هئا
ڊاڪٽر بلقيس جڏھن لاڙڪاڻي اسپتال جي گائني وارڊ ۾ پهتي ته اتي ڪجهه به نه هو صرف چار بيڊ ھڪ ٽيبل ۽ ڪرسي پئي هئي، ڊاڪٽر بلقيس پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو، هو ان ننڍي وارڊ ۾ ئي رهڻ لڳي رات جو ٽيبل تي سمهي پوندي هئي ايتري قدر جو ٽوٿ برش ۽ ڦڻي به سندس ڊاڪٽري واري ايپران جي کيسي ۾ پيا هوندا هئا
اهڙي حالتن ۾ 20 اپريل 1973ع تي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جو بنياد رکيو ويو، ڪجهه عرصي بعد ڀٽو صاحب لاڙڪاڻي آيو ته ڊاڪٽر بلقيس کي گهرائي ٻڌايائين ته دبئي جو حاڪم شيخ زيد بن سلطان النهيان پاڪستان ۾ ٻه اسپتالون ٺھرائڻ ٿو چاهي، هو هڪ اسپتال پنجاب جي سرائيڪي بيلٽ واري علائقي رحيم يار خان ۾ ٺھرائي پيو ۽ ٻي اسپتال مان لاڙڪاڻي ۾ ٺھرائڻ چاهي ٿو
تنهن تي ڊاڪٽر بلقيس ڀٽو صاحب کي ٻڌايو ته لاڙڪاڻي واري اسپتال صرف عورتن ۽ ٻارن جي هئڻ کپي، ڀٽو صاحب هائوڪار ڪئي پوءِ ڪجهه وقت بعد متحده عرب امارات جو سربراهه شيخ زيد بن سلطان ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ لاڙڪاڻي آيو، بريفنگ لاءِ ڊاڪٽر بلقيس کي چيو ويو ڊاڪٽر بلقيس جي تفصيلي بريفنگ بعد لاڙڪاڻي جي موجوده شيخ زيد وومن هاسپيٽل جي تعمير شروع ٿي ڊاڪٽر بلقيس کي ان پراجيڪٽ جو نگران ۽ انچارج مقرر ڪيو ويو
ڊاڪٽر بلقيس هڪ ئي وقت چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي گائني ڊپارٽمنٽ جي سربراهه، ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪواٽر اسپتال لاڙڪاڻي جي عورتن واري وارڊ جي انچارج، شيخ زيد وومن اسپتال لاڙڪاڻي جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪندي رهي
غريب عورتن ۽ ٻارن خواب ۾ اچي لاڙڪاڻو ڇڏڻ کان روڪيو
ذوالفقار ڀٽو جي ڦاهي بعد هن لاڙڪاڻو ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو، بقول ڊاڪٽر بلقيس جي هن خواب ۾ ڏٺو ته کيس غريب عورتون ۽ ٻار نظر آيا جيڪي کيس چئي رهيا هئا ته ڇا واقعي اوهان اسان کي ڇڏي پيا وڃو بس پوءِ ھن لاڙڪاڻي ڇڏڻ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو
بينظير ڀٽو ڊاڪٽر بلقيس کي ماءُ وانگر سمجهندي هئي
ڊاڪٽر بلقيس پنهنجي زندگي سنڌ جي غريبن لاءِ ارپي ڇڏي هن سموري زندگي شادي نه ڪئي ۽ نه ئي وري واپس مائٽن ڏانهن وئي، بينظير ڀٽو کيس پنهنجي ماءُ جيان سمجهندي هئي، ڊاڪٽر بلقيس هزارين ليڊي ڊاڪٽرس جي رهبر ۽ استاد رهي، سندس هزارين ڊاڪٽر شاگرد دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل آھن، سرڪاري نوڪري تان رٽائرڊ ٿيڻ بعد هن پنهنجي پورهئي جي ڪمائي مان لاڙڪاڻي ۾ هڪ پلاٽ وٺي اتي هڪ خيراتي اسپتال ٺھرائي