لاڙڪاڻي جي ميئر جو تاج شيخ برادري ماڻڻ ۾ ناڪام:پ پ پاران انور لهر کي اميدوار نامزد ڪرڻ جو فيصلو

مَي 24, 2023

لاڙڪاڻو( رپورٽ نادر ابڙو ) سنڌ جي ٻين شهرن جيان  پيپلز پارٽي جي سياسي قبلي لاڙڪاڻي ۾ ميئر ۽  ڊپٽي ميئر لاءِ سياسي ڌرين جي ڊڪ ڊوڙ آخري مرحلي ۾ داخل ٿي وئي، ذريعن موجب هن ڀيري شيخ برادري ميئرشپ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي آهي جڏهن ته پ پ قيادت انور علي نواز لهر کي اميدوار نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

پيپلز پارٽي جي ذريعن موجب لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئرشپ جي لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت طرفان ٽائون ڪاميٽي حيدري جي يوسي هڪ جو چيئرمين ۽ اڳوڻي ڊپٽي ميئر ايڊوڪيٽ انور علي نواز لهر جو فائنل ڪيو ويو آهي جنهن ميئر جي چونڊ ۾ بنا مقابلي ڪاميابي ماڻڻ لاءِ پارٽي جي چونڊيل نمائندن سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن

 جڏهن ته اڳوڻو ميئر ۽ ٽائون ڪاميٽي دڙي جي يوسي 5 جو چيئرمين خيرمحمد شيخ به ميئر جي سيٽ ماڻڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن

 ذريعن موجب پيپلز پارٽي جي اعلي قيادت خيرمحمد شيخ سان گذريل چونڊن ۾ لاڙڪاڻي شهر جي صوبائي تڪ پي ايس 11 تان جي ڊي اي اميدوار معظم علي عباسي جي ڪاميابي ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو جي شڪست واري معاملي تي سخت ڪاوڙيل آهي جنهن ڪري خيرمحمد شيخ کي ميئر نامزد ڪرڻ ناممڪن آهي

 ٻئي طرف خيرمحمد شيخ پنهنجي شيخ برادري جنهن جو واسطو لاڙڪاڻي جي واپاري طبقي جي سان آهي جنهن طرفان به ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن

Leave A Comment