لاڙڪاڻو(رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي جي نادرا افيس ۾ عورت کي چماٽ هڻڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي، جنهن بعد ايس ايس پي نوٽيس وٺي اهلڪار کي معطل ڪري ڇڏيو
تفصيل موجب لاڙڪاني جي نادرا آفيس ۾ عورت کي پوليس اهلڪار پاران ٿڦ هڻڻ واري هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، وڊيو ۾ سادن ڪپڙا پهريل پوليس اهلڪار زيب جتوئي طرفان هڪ عورت کي ٿڦ هڻندي ڏسي سگهجي ٿو
وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ ايس ايس پي ڊاڪٽر محمد عمران نوٽيس وٺي ڄاڻايل پوليس اهلڪار سپاهي زيب جتوئي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي
ايس ايس پي ڊاڪٽر محمد عمران اي ايس پي سٽي عتيق الرحمان کي جاچ آفيسر مقرر ڪري جلد رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي