لاڙڪاڻي جي وچ شهر ۾ ايس ايڇ او شهيد

جُون 16, 2025

لاڙڪاڻو ( پنهنجي ڊيسڪ ) لاڙڪاڻي جي وچ شهر ۾ ميرپور ٻرڙو ٿاڻي جو ايس ايڇ او نظير حسين چانڊيو شهيد ٿي ويو ،لاڙڪاڻو جي سول لائن ٿاڻي جي حد ايس ايس  پي چوڪ ڀرسان فارنزڪ ليباريٽري وٽ اڻڄاتل هٿياربندن جي ڪار تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ شڪارپور واسي جيڪب آباد ضلعي جي ميرپور ٻرڙو ٿاڻي جو ايس ايڇ او انسپيڪٽر نظير حسين چانڊيو سخت زخمي ٿي پيو  جنهن کي علاج لاءِ ٽراماسينٽر منتقل ڪيو ويو، جتي هن زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو ، واقعي بابت پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي جلد هٿياربندن جو پتو لڳايو ويندو.

لاڳاپيل پوسٽون

  • جهول ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پورهيت فوت

  • حيدرآباد ۾وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل

  • ڀان سيد آباد ۾ حادثو، پيرسن عورت فوت

  • قاضي احمد ڀرسان ٿيل مقابلي جو ڪيس داخل