لاڙڪاڻي دوا لاءِ آيل ماءُ پٽ حادثي ۾ فوت: پيءُ پٽ زخمي

مارچ 22, 2025

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي الھه آباد واري علائقي ايئرپورٽ روڊ تي ڪچرو کڻندڙ تيز رفتار ڊمپر ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڏوڪري شهر جي کوکر محلا واسڻ عورت آمنه خاتون ۽ سندس 12 ورهين جو پٽ عاطف مڱريو چيڀاٽجي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته حادثي ۾ فوتي عورت جو مڙس ڪرياني دڪاندار وقاص علي مڱريو سندن 4 ورهين جي پٽ طاهر مڱريو سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس پهچي ڊمپر تحويل ۾ وٺي ڊرائيور غلام عباس هڪڙو کي گرفتار ڪري ورتو.وارثن ٻڌايو ته وقاص علي مڱريو پنهنجي ٻارن جي دوا لاءِ ڏوڪري کان لاڙڪاڻي شهر آيو، جتان هو واپس ڏوڪري اچي رهيو هو ته ايئرپورٽ روڊ تي تيز رفتار ڊمپر موٽرسائيڪل سوارن کي چيڀاٽي ڇڏيو، نتيجي ۾ عورت ۽ سندس پٽ فوت ٿي ويا.

 

Leave A Comment