لاڙڪاڻي ضلعي جي نين تڪبندين بعد ٻن صوبائي تڪن 11 ۽ 12 ۾ ڦير ڦار تي جي ڊي اي کي اعتراض، عدالت ۾ چئلينج

ڊسمبر 13, 2023

لاڙڪاڻو  (رپورٽ: نادر ابڙو) اليڪشن ڪميشن طرفان ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ تڪبندين جو ڪم مڪمل ڪري فهرست جاري ڪئي وئي

 جاري ڪيل فهرست موجب لاڙڪاڻي جي 2 قومي ۽ 4 صوبائي تڪن کي برقرار رکيو ويو آهي جنهن ۾ لاڙڪاڻي شهر نئون ديرو ۽ رتوديرو تي مشتمل قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 194 ٺاهيو ويو آهي، جيڪو ان کان اڳ اين اي 200 هو جڏهن ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ قومي اسيمبلي جو ٻيو تڪ اين اي 195 ٺاهيو ويو آهي جيڪو ان کان اڳ اين اي 201 هو

 لاڙڪاڻي جي 4 صوبائي تڪن رتوديرو ۽ نئون ديرو تي مشتمل پي ايس 10، لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن جي 15 يوسيز تي مشتمل پي ايس 11، لاڙڪاڻي شهر جي 5 يوسيز ۽ ٻاهرين علائقن سميت تعلقي باقراڻي ۽ يوسي خير محمد آريجا تي مشتمل پي ايس 12 ۽ تعلقي ڏوڪري سميت باڊهه ۽ ان ۾ شامل يوسيز تي مشتمل پي ايس 13 کي برقرار رکيو ويو آهي

 اليڪشن ڪميشن طرفان لاڙڪاڻي شهر واري تڪ پي ايس 11 جي 5 يوسيز کي پي ايس 12 ۽ پي ايس 12 جي ڪجهه يوسيز کي پي ايس 11 ۾ شامل ڪيو ويو آهي

ٻنهي صوبائي تڪن ۾ تبديلي کي جي ڊي اي طرفان عام چونڊن کان اڳ ڌانڌلي ۽ مخالف اميدوار کي هارائڻ جي سازش قرار ڏيندي گذريل عام چونڊن ۾ لاڙڪاڻي شهر جي صوبائي تڪ پي ايس 11 تان چونڊ وڙهي پيپلز پارٽي اميدوار کي شڪست ڏيڻ سان گڏ 2 ڀيرا ايم پي اي چونڊجي آيل معظم علي عباسي طرفان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اسلام آباد ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي

 هوڏانهن اليڪشن ڪميشن طرفان 8 فيبروري تي عام چونڊون ڪرائڻ جي اعلان کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي، جي ڊي اي سميت ٻين جماعتن طرفان پنهنجي پنهنجي اميدوارن جي نالن تي صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن

 ان لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان پارٽي اميدوارن کان درخواستون وصول ڪيون ويون آهن جڏهن ته جي ڊي اي طرفان ڪجهه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي ضلعي جي سمورن تڪن لاءِ اميدوارن کان درخواستون طلب ڪيون ويون آهن

 پيپلز پارٽي جي ذريعن موجب لاڙڪاڻي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 194 تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اين اي 195 تي نظير احمد ٻگهيو، خورشيد احمد جوڻيجو، صوبائي تڪ پي ايس 10 تي فريال ٽالپر، شاهد ڀٽو،پي ايس 11 تي جميل احمد سومرو، نثار احمد کهڙو، پي ايس 12 تي تازو پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪندڙ عادل الطاف انڙ، حاجي شفقت حسين انڙ، حزب الله ٻگهيو امڪاني اميدوارن آهن

 جي ڊي اي طرفان پي ايس 11 تي معظم علي عباسي سميت ٻين اميدوارن جي چونڊ وڙهڻ جا امڪان آهن

 ٻڌايو پيو وڃي ته جي يو آئي اڳواڻ مولانا راشد خالد محمود سومرو ۽ ٻين اميدوارن طرفان بلاول ڀٽو زرداري سامهون چونڊ وڙهڻ جي حامي ڀري وئي آهي جنهن بابت پيپلز پارٽي مخالف جماعتن طرفان ڪو حتمي فيصلو ٿي نه سگهيو آهي

Leave A Comment