لاڙڪاڻي لڳ پسند شادي ڪندڙ نوجوان هٿياربندن هٿان ڪارنهن الزام مڙهي قتل
مارچ 17, 2025
لاڙڪاڻو(رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي شهر ڀرسان ڪنگا ٿاڻي جي حد رتوديرو روڊ ڳوٺ سچي بخش جاگيراڻي وٽ ڪجهه مهينا اڳ عدالت ۾ نڪاح ڪندڙ 20 ورهين جي نوجوان مدثر پٽ منٺار جاگيراڻي کي ڪارنهن الزام هيٺ هٿياربند گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري فرار ٿي ويا، اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي تفصيل وٺي نوجوان جو لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي قتل ٿي ويل نوجوان جي پيءَ منٺار جاگيراڻي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته رتوديرو شهر جي جکرا پاڙي جي رهواسي گل محمد جکرو 6 لک روپيه وٺي منهنجي پٽ مدثر جو رشتو پنهنجي ويجهي مائٽ سيما جکرو سان ڪرايو جنهن بعد گل محمد جکرو مسلسل رتوديرو ۾منهنجي بنگلي وٺڻ لاءِ دٻاءُ وجهي پٽ کي قتل ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏيندو هو، بنگلو نه ڏيڻ تان منهنجي پٽ مدثر کي گذريل محرم مهيني ۾ اغوا ڪرايو ويو هو جنهن کان پوءِ مون اهڙي درخواست ان وقت جي ايس ايس پي ۽ اڳوڻي ايس ايڇ او رتوديرو کي ڏني هئي جنهن کان پوءِ سيما جکرو کي دارالامان جي حوالي ڪري بعد ۾ بااثرن جي معرفت سيما کي واپس وارثن حوالي ڪيو ويو، اهڙي معاملي کان پوءِ اڄ ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار 5 هٿياربندن فائرنگ ڪري منهنجي پٽ مدثر جاگيراڻي کي بيدرديءَ سان قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته پٽ جي قتل جو نوٽيس وٺي ملوث هٿياربندن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي پاسي اهڙي واقعي جو ايس ايس پي احمد چوڌري نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي صدر سعد جبار کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ان حوالي سان ايس ايس پي چيو آهي ته ڊي ايس پي صدر جي شروعاتي رپورٽ موجب واقعو ذاتي رنجش جي ڪري پيش آيو آهي جنهن ۾ جکرا ذات سان واسطو رکندڙ هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان مدثر جاگيراڻي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن، جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس ٽيمون جوڙي مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. هوڏانهن اهڙي واقعي جي حوالي سان ڪنگا پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته شروعاتي جاچ موجب رتوديرو واسي جکرا ذات سان واسطو رکندڙ جوابدارن ڪارنهن تهمت هيٺ نوجوان کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن، اهڙي واقعي جو ڪيس مقتول نوجوان جي والد منٺار جاگيراڻي جي فرياد تي 5 جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چار سڃاتل ۽ هڪ اڻڄاتل جوابدار شامل آهي، جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي. پوليس ذريعن کان ڄاڻ ملي آهي ته پوليس ڪاروائي ڪري قتل ۾ ملوث مُک جوابدار گل محمد جکرو کي پٽ سميت گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ڪجهه مهينا اڳ مقتول نوجوان مدثر جاگيراڻي رتوديرو شهر جي جکرا پاڙي جي رهواسڻ سيما ڌيءَ محبوب جکرو سان پسند جو پرڻو ڪيو هو عجنهن کان پوءِ ناري سيما کي دارالامان اماڻيو ويو هو جتان بااثرن معرفت ناري کي سندس وارثن حوالي ڪري کيس ٻئي هنڌ پرڻايو ويو هو ٻئي طرف اسپتال انتظاميه قتل ٿي ويل نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جنھن جو لاش ڳوٺ سچي بخش جاگيراڻي پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.