لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي مان پئٽرول پمپ جو مئنيجر پراسرار نموني گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ، پوليس سي سي ٽي فوٽيجز هٿ ڪري ورتا
تفصيل موجب شهر جي ذوالفقار باغ واري علائقي مان قبوسعيد واسي پئٽرول پمپ مئنيجر 45 ورهين جو لطف علي مگسي پراسرار نموني گم ٿي ويو
وارثن مئنيجر جي گمشدگي بابت حد جي ٿاڻي جي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو آهي، ان ڏس ۾ مئنيجر جي سئوٽ الھه ڏنو مگسي جو چوڻ هو ته لطف علي گذريل ڏينهن لاڙڪاڻي ڪم سانگي آيو، جتان هو پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي
سندس چوڻ هو ته 2 ڏينهن کان سندس موبائيل فون به بند آهي، شڪ آهي ته کيس اغوا ڪيو ويو آهي
ٻئي طرف حيدري ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته لطف علي مگسي ذوالفقار باغ ۾ پنهنجي ڌيءَ سان ملاقات لاءِ آيل هو، جنهن کان پوءِ هو ڪنهن همراهه سان اتان نڪري ويو، جنهن جي موبائيل فون گهر پيل آهي، جڏهن ته ڪار به سندس ڌيءَ جي گهر ۾ بيٺل آهي
پوليس ٻڌايو ته سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ ڪري ٽيڪنيڪل طريقي سان جاچ ڪئي پئي وڃي