لاڙڪاڻي مان گم نوجوان جي اغوا جي تصديق، 60 لک ڀنگ طلب

آڪٽوبر 3, 2023

لاڙڪاڻو(رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي مان گم نوجوان جي اغوا جي تصديق ٿي وئي، ڌاڙيلن وارثن کي فون ڪري 60 لک رپيا ڀنگ طلب ڪري ورتي آهي

شهر جي ايوب ڪالوني واسي سون جي ڪاريگر نوجوان خير محمد جمالي 9 ڏينهن اڳ 24 سيپٽمبر جي ڏينهن مارڪيٽ ٿاڻي جي حد شاهي بازار سونارا مارڪيٽ مان پراسرار نموني گم ٿي ويو هو

 وارثن کيس مختلف هنڌن تي ڳولا ڪرڻ سميت سونارا مارڪيٽ جا سي سي ٽي فوٽيجز هٿ ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيا، جيڪي فوٽيجز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويا آهن، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته نوجوان کي هڪ شخص سان گڏ دوڪان کولڻ بعد دوڪان اندر ويندي ۽ دوڪان بند ڪري ساڳي ئي شخص سان گڏ وڃي رهيو آهي

 نوجوان جي اغوا جي تصديق ڌاڙيلن پاران نوجوان جي امڙ ۽ ٻين وارثن سان فون ذريعي رابطو ڪندي 60 لک رپيا ڀنگ جي رقم طلب ڪئي آهي ۽ اهڙي آڊيو ڪال پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ نوجوان جي امڙ توڙي سندس ڀاءُ ڌاڙيلن کي ايلاز منٿون ۽ پاڪ ڪتاب جا واسطا ڏنا

 ان حوالي سان مغوي نوجوان جي ڀاءُ نياز جمالي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڳڙهي ياسين جي ڳوٺ سون واهه جو رهواسي رياض قريشي ڀاءُ کي ڌوڪي سان دڪان تان وٺي اغوا ڪري ويو آهي

هن ٻڌايو ته ڀاءُ خير محمد جمالي جي آزادي لاءِ ڌاڙيلن فون ڪري 60 لک روپيا ڀنگ جي رقم گهري آھي، اسين غريب آهيون، ايترا پئسا ناهن جو اسين ڌاڙيلن کي ڏئي ڀاءُ کي آزاد ڪرائي سگهون

 هن چيو ته ڀاءُ جي اغوا جا سي سي ٽي فوٽيجز به سونارا مارڪيٽ مان پوليس هٿ ڪري پوليس حوالي ڪيا آهن پر ان جي باوجود پوليس ڀاءُ کي بازياب نه ڪرائي سگهي  آهي، هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ڀاءُ کي بازياب ڪرائي سمورن گهر ڀاتين ۾ ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي

Leave A Comment