لاڙڪاڻي واسي دل جي سوراخ ۾ مبتلا 2 ٻارڙن کي ڀارت مان نيڪالي
اپريل 30, 2025
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي واسي دل ۾ سوراخ واري بيماري ۾ مبتلا ٻن ٻارن 9 ورهين جي عبدالله شيخ ۽ 7 ورهين جي منشاءَ شيخ جي والد خانگي بينڪ جي ملازم شاهد علي شيخ جو چوڻ هو ته لاڙڪاڻي واسي آهيان، ۽ هن وقت حيدرآباد ۾ رهندو آهيان، هن چيو ته منهنجي ٻه ٻارڙا ٻارن 9 ورهين جو عبدالله ۽ 7 ورهين جي منشاءَ ننڍپڻ کان دل جي تڪليف ۾ مبتلا هئا، 21 اپريل تي واهگا بارڊر ذريعي ٻنهي ٻارن جي دل جي سوراخ جي سرجري لاءِ هندوستان ويس جتي ايشين اسپتال فريد آباد ۾ منهنجي ٻنهي ٻارڙن جي سرجري ٿيڻي هئي اوچتي اِهو واقعو ٿيو ۽ هندوستاني حڪومت اسان جي نالي چيو ته جلدي هنن کي پاڪستانين کي واپس موڪليو، ان تي اسپتال وارن هندوستاني حڪومت کي درخواست به ڪئي ته ٻارن جي سرجري رٿيل آهي کين سرجري ڪرائڻ ڏيو پر حڪومت نه مڃي اسپتال انتظاميه وارن کي چيو ته هنن کي نيڪالي ڏيو، اسپتال وارن هندستاني حڪومت کي چيو ته ٻارن جون سڀ ٽيسٽون مڪمل ٿي چڪيون آهن ۽ هاڻي ٻارن جي سرجري ٿيندي پر ان جي باوجود هندوستاني حڪومت اسان کي نيڪالي ڏني، جتي سرجري لاءِ منهنجا 10 لک روپيه خرچ ٿي چڪا آهن. هن چيو ته منهنجي ٻارن جي تڪليف وڌندي پئي وڃي تنهن ڪري جلد کان جلد منهنجي ٻارن جي آمريڪا يا برطانيه مان علاج ڪرائي سندن جي زندگي بچائي وڃي.