لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) لاڙڪاڻي ويجهو پاڻي جي کڏ ۾ ٻالڪ ٻڏي فوت، تفصيل موجب ڳوٺ موريا خان لهر ۾
ڳوٺ ٻاهران کڏ ۾ 8 ورهين جو فهد پٽ ممتاز ڏاهاڻي وهنجڻ دوران ٻڏي بيهوش ٿي ويو، جنهن کي وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ کڻائي آيا
جتي ڊاڪٽرن ٻالڪ جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، وارثن ٻڌايو ته ٻالڪ ڳوٺ جي ٻين ٻارڙن سان گڏجي کڏ ۾ وهنجندي ٻڏي ويو، جنهن کي اسپتال آندو پر هو بچي نه سگهيو