لاڙڪاڻي ويجھو هيڊ ماستر مقرري تان گسٽا ۽ اسڪول انتظاميا ۾ ڇڪتاڻ: شاگرد رُلي ويا

ڊسمبر 18, 2024

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان گورنمينٽ هاءِ اسڪول آريجا ڦيڙهو ۾ نئين هيڊماستر حاجي خان محمد جانوري جي مقرري تان گسٽا يونٽ آريجا ڦيڙهو ۽ اسڪول انتظاميه وچ ۾ ڇڪتاڻ برقرار، اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو پنهنجي والدين سان گڏجي ٽن ڪلاڪن تائين مسلسل ڌرڻو هڻي مطالبو ڪيو آهي ته تعليمي سرگرمين جو بائيڪاٽ ڪندڙ استادن خلاف ڪارروائي ڪري مڪمل طور تعليمي سرگرمين کي بحال ڪيو وڃي، گسٽا تعلقي طرفان مقرر هيڊماستر کي هٽائڻ خلاف پنجين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، هاءِ اسڪول آريجا ڦيڙهو جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پنهنجي والدين سان گڏجي گسٽا سان واسطو رکندڙ استادن طرفان تعليمي سرگرمين جي بائيڪاٽ خلاف شهر جي جناح باغ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،شاگردن”تعليم کپي، تالا نه کپن“، ”مستقبل جي معمار ٻارن کي تعليم ڏيو“، جا نعرا هنيا ويا، شاگردن ظهير عباس ڪلهوڙو، احمد علي ٻانهاڻي، سرفراز علي بليدي، شاگردياڻين ڪنيز فاطمه، دعا، اقصيٰ، ڪينجهر پنهنجي والدين جميل بروهي، قربان بليدي، غلام سرور ٻانهاڻي، محمد علي جانوري، سلطان ڪلهوڙو ۽ ٻين سان سان گڏجي چيو ته هنن الزام لڳايو ته گذريل 20 نومبر تي تعليم کاتي طرفان گسٽا يونٽ آريجا ڦيڙهو جي صدر ۽ 16 هين گريڊ جي اسڪول جي انچارج هيڊماستر سرفراز علي ڪلهوڙو کي هٽائي سندس جاءِ تي 17 هين گريڊ جي هيڊماستر حاجي خان محمد جانوري کي مقرر ڪيو ويو هو، جنهن معاملي تان گسٽا يونٽ جي صدر سرفراز علي ڪلهوڙو پنهنجي تنظيم جي ٻين استادن سان گڏجي گذريل 26 ڏينهن کان مسلسل تعليمي سرگرمين جو بائيڪاٽ ڪندي اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو آهي، استادن طرفان بائيڪاٽ سبب اسان جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي، شاگردن ۽ شاگردياڻين کي صحتمند سرگرمين کان به مرحروم ڪيو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته بائيڪاٽ ڪندڙ استادن کي هٽائي سندن جاءِ تي ايماندار استادن کي مقرر ڪري تعليمي سرگرمين کي مڪمل طور بحال ڪيو وڃي.

اسان کي تالا نه تعليم کپي، استاد اسڪول نه ٿا اچن: شاگرد

لاڙڪاڻو: هاءِ اسڪول آريجا ڦيڙهو جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پنهنجي والدين سان گڏجي تعليمي سرگرمين جي بائيڪاٽ خلاف شهر جي جناح باغ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، شاگردن ظهير عباس ڪلهوڙو، احمد علي ٻانهاڻي، سرفراز علي بليدي، شاگردياڻين ڪنيز فاطمه، دعا، اقصيٰ، ڪينجهر ۽ ٻين چيو ته استادن گڏجي گذريل 26 ڏينهن کان مسلسل تعليمي سرگرمين جو بائيڪاٽ ڪندي اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو آهي، استادن طرفان بائيڪاٽ سبب اسان جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي، شاگردن ۽ شاگردياڻين کي صحتمند سرگرمين کان به مرحروم ڪيو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته بائيڪاٽ ڪندڙ استادن کي هٽائي سندن جاءِ تي ايماندار استادن کي مقرر ڪري تعليمي سرگرمين کي مڪمل طور بحال ڪيو وڃي.

اضافي چارج تي مقرر هيڊ ماستر استادن کي تنگ پيو ڪري: گسٽا

لاڙڪاڻو :ٻئي پاسي گسٽا تعلقي لاڙڪاڻو طرفان اسڪول جي هيڊماستر حاجي خان جانوري جي مقرري خلاف پنجين ڏينهن به مسلسل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، گسٽا تعلقي صدر نظر محمد مغيري، عبدالحميد ابڙو، سيد غلام نبي شاهه، سرفراز علي ڪلهوڙو ۽ ٻين دانهيندي الزام لڳايو ته گذريل 20 نومبر تي ماهوٽا جي 17 گريڊ جي هيڊماستر حاجي خان جانوري کي آريجا ڦيڙو هاءِ اسڪول جي اضافي چارج ڏني وئي، ان کانپوءِ هيڊماستر اسڪول جي استادن سرفراز علي ڪلهوڙو، علي شير جتوئي، گلزار احمد دايو، حسام الدين ڀٽي، عابد حسين سمون، عبدالفتاح سانگي ۽ صغير حسين سومرو سميت عملي کي تنگ ڪري رهيو آهي،  جنهن ڪري ٻارن جي تعليم پڻ متاثر ٿي رهي آهي، جنهن هيڊماستر جي پٺڀرائي ڳوٺ جو وڏيرو ڪري رهيو آهي، جنهن اسڪول ٽائيم کان پوءِ اسڪول کي پنهنجي ذاتي جاگير سمجهي اوطاق بڻائي استعمال ڪري رهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته هيڊماستر کي هٽائي 19 گريڊ جي تعليم دوست هيڊ ماستر مقرر ڪري استادن ۽ عملي ۾ ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

Leave A Comment