| لاڙڪاڻي ويجھو وين جي ٽڪر ۾ قمبر واسي موٽر سائيڪل سوار 3 نوجوان فوت |
لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي شهر ڀرسان لاڙڪاڻو- قمبر روڊ تي تيز رفتار وين ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ قمبر شهر واسي موٽرسائيڪل سوار 3 نوجوان 16 ورهين جو عاطف پٽ محمد علي گوپانگ، 18 ورهين جو نصرالله پٽ نظام الدين گوپانگ ۽ 19 ورهين جو نوجوان رستم پٽ محمد اسلم دايو سخت زخمي ٿي پيا،اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي ٽنهي نوجوانن کي کڻائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو جتي علاج دوران ٽئي نوجوان زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، اطلاع تي فوتي نوجوانن جي وارثن اسپتال پهچي لاشن مٿان روئيندا رهيا. ان موقعي تي فوتي نوجوان جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان جا نوجوان موٽرسائيڪل تي سوار ٿي قمبر شهر کان لاڙڪاڻي شهر ڪم سانگي اچي رهيا هئا ته لاڙڪاڻي شهر ڀرسان تيز رفتار وين جو سندن موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ اهڙو حادثو پيش آيو آهي، ٻئي پاسي تعلقي ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته حادثو تيز رفتاري جي نتيجي ۾ پيش آيو آهي. ٻئي طرف اسپتال انتظاميه ضروري ڪاروائي بعد فوتي نوجوانن جا لاش وارثن حوالي ڪيا .