| لاڙڪاڻي ويجھو گم ٿيل شڪارپور واسي نوجوان قتل: دادو ڪئنال مان گوليون لڳل لاش هٿ |
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان ماهوٽا ٿاڻي جي حد ڳوٺ آگاڻي وٽ دادو ڪئنال مان 18 ورهين جي نوجوان جو گوليون لڳل لاش هٿ ڪيو ويو، لاش جي سڃاڻپ شڪارپور جي تعلقي ڳڙهي ياسين جي ڳوٺ دود ڏيٿو جي رهواسي ڪراچيءَ ۾ پورهيو ڪندڙ فراز پٽ سراج ڏيٿو طور ڪئي وئي آهي.لاش ضروري ڪارروائي بعد سندس والد سراج ڏيٿو حوالي ڪيو ويو، وارثن مطالبو ڪيو آهي ته نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ان حوالي سان ماهوٽا پوليس جو چوڻ هو ته مقتول نوجوان جي سڃاڻپ سندس والد سراج ڏيٿو پاران ڪئي وئي، لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، وارثن موجب سندن ڪنهن سان به دشمني ناهي، نوجوان ڪراچي ۾ پورهيو ڪندو هو جنهن 6 جنوري تي فون ڪري ڳوٺ اچڻ جو چيو جنهن جو مسلسل نمبر بند مليو، پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.