لاڙڪاڻي پوليس جو مبينا مقابلو، جوابدار مارجي ويو

مَي 2, 2025

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ سنگين نوعيت جي 30 کان وڌيڪ وارداتن ۽ ڪيسن ۾ ملوث ۽ سنڌ پوليس کي انتهائي گهربل جوابدار کي ماري سندس وٽان ڪلاشنڪوف، هينڊ گرينڊ ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ان حوالي سان ايس ايس پي احمد چوڌري موجب علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد گھاڙ واهه واري علائقي ۾ پوليس مقابلي دوران زخمي ٿيل جوابدار دم ڏئي ڇڏيو، مارجي ويل جي سڃاڻپ شڪارپور ضلعي جي مبارڪ مارفاڻي ڊرگهه پور واسي اصغر ولد الھ ورايو مارفاڻي طور ڪئي وئي آهي، جيڪو سنڌ پوليس کي انتهائي گهربل هو، جوابدار جي قبضي مان ڪلاشنڪوف، هينڊ گرينڊ ۽ ڦر ڪيل موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي.

 

Leave A Comment