لاڙڪاڻي ڀرسان زميني تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻي ڀرسان زميني تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ڀرسان پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي حد بچاءُ بند واري علائقي ۾ زميني تڪرار تان هٿياربندن ڳوٺ عاقل جي رهواسي 27 ورهين جي نوجوان جواد حسين پٽ غلام محمد کوکر کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، اهڙي اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي مقتول نوجوان جي امڙ پروين کوکر ٻڌايو ته جواد گهر کان ٻاهر نڪري ويو هو جنهن کي جتوئي ذات سان واسطو رکندڙ هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪيو آهي. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي طرف حد جي پوليس ٻڌايو ته شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته جتوئي ۽ کوکر ذات جي ٻن ڌرين  وچ ۾ زميني تڪرار هلندڙ آهي جنهن معاملي تان جتوئي ذات جي هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان جواد کوکر کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. هوڏانهن اسپتال انتظاميه ضروري ڪارروائي بعد نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.