لاڙڪاڻي ڀرسان زمين مالڪي تان جهيڙو، فائرنگ، 11 ڄڻا زخمي

جُولاءِ 19, 2023

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان عباسي ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو، 11 ڄڻا زخمي،

 علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، خوف حراس، تفصيل موجب ڳوٺ هٽڙي غلام شاهه ۾ ٻيلي کاتي جي ڪچي جي 25 جريب زرعي زمين جي مالڪي تان عباسي ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، گوليون، ڪهاڙيون ۽ لٺيون  لڳڻ

 سبب مظفر علي، حبدار، اختر، خادم، ڪوثر، عبدالرشيد، شفيق الرحمان، راشد علي، احسان علي

 حاجي محمد ۽ عبدالقدير عباسي سخت زخمي ٿي پيا، جهيڙي سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو اطلاع تي پوليس پھچي تفصيل وٺي زخمين کي چانڊڪا اسپتال آندو

لاڳاپيل پوسٽون

  • خانپورمهر : هڪ نينگري ٻڏي فوت، ٻن کي بچايو ويو

  • گنداخاڀرسان هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل

  • گمبٽ ۾ هٿياربندن هٿان دڪاندار گولي هڻي زخمي

  • دوڙ ڀرسان نوجوان جو لاش هٿ، ساهرن تي قتل جو الزام