لاڙڪاڻي ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان هٿياربند ننڊ ستل نوجوان گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻي ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان هٿياربند ننڊ ستل نوجوان گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان هٿياربند ننڊ ستل نوجوان کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو، ڌامراهه ٿاڻي جي حد ڌامراهه شهر ۾ مبينا سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن مينهن جي واڙي ۾ گهڙي ننڊ ستل 22 ورهين جي نوجوان علي رضا پٽ عبدالرزاق ڌامراهه کي سخت زخمي ڪري  فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي وارثن سان گڏجي زخمي نوجوان کي علاج لاءِ ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو جتي علاج دوران نوجوان دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي مقتول نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي، اڻڄاتل هٿياربندن ننڊ ستل علي رضا ڌامراهه کي گولي هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن. ڌامراهه ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته شروعاتي جاچ موجب ڪجهه سال اڳ غلام مصطفيٰ جوڻيجو علي رضا جي ڀيڻ سان پسند جي شادي ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ ٻنهي زال مڙس وچ ۾ طلاق ٿي جنهن معاملي تان اهڙو واقعو پيش آيو آهي.