| لاڙڪاڻي ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، ڇڏائڻ آيل نينگر گوليون لڳڻ ڪري قتل، سئوٽ زخمي |
لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ڀرسان پير شير ائٽ عاقل ٿاڻي جي حد ۾ جتوئي ذات جي ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ڇڏائڻ لاءِ ويل نينگر قتل، هڪ ڄڻو زخمي، پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي حد ڳوٺ نور خان جتوئي ۾ غلام عباس، مسواڻي جتوئي ۽ عبدالمجيد مسواڻي جتوئي جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، فارنگ جي نتيجي ۾ واٽهڙو 15 ورهين جو عبدالغفار پٽ عبدالستار خيراڻي جتوئي ٿڏي تي ئي مارجي ويو، سندس سئوٽ 16 ورهين جو محمد عيسيٰ پٽ عبدالقيوم خيراڻي جتوئي سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، مقتول نينگر جي وارثن جو چوڻ هو ته ڳوٺ نور خان مسواڻي جتوئي ۾ غلام عباس ۽ عبدالمجيد مسواڻي جتوئي جي ٻن ڌرين وچ ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو جن کي ڇڏائڻ لاءِ عبدالغفار ۽ محمد عيسيٰ جتوئي ويا ته ڌرين جي فائرنگ ۾ عبدالغفار قتل ۽ محمد عيسيٰ زخمي ٿي پيو آهي، جنھن جهيڙي سان اسان جو ڪو تعلق نه آهي، هنن مطالبو ڪيو ته واقعي جي جاچ ڪري ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.ٻي طرف پيرشير ايٽ عاقل ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، هوڏانهن واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.