| لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 15سئو مبينا مقابلا: 6 انعام يافته ڌاڙيلن سميت 120 جوابدار مارڻ جي دعويٰ |
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو رينج پوليس سال 2025ع جي سالياني ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب ٻڌايو ته سال 2025ع دوران رينج جي پنجن ئي ضلعن لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعن جي پوليس جي 1500 پوليس مقابلن ۾ 120 مارجي ويا، جن ۾ 6 انعام يافته ڌاڙيل به شامل آهن، جڏهن ته 280 ڌاڙيلن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري 219 گينگز جو خاتمو آندو ويو آهي. هن ٻڌايو ته مجموعي طور 2193 ڏوهاري جوابدارن، 7 هزار 993 اشتهاري، 18 هزار 666 روپوش سميت مجموعي طور تي 20 هزار 859 جوابدار گرفتار ڪيا ويا. رينج پوليس مختلف ڪاروائين ۾ 15 هينڊ گرنيڊ، 10 جي ٿري، 54 ڪلاشنڪوف، 746 پسٽل ۽ ري والور، 116 شاٽ گن، 5 شيل، 9 هزار 55 گوليون هٿ ڪيون. منشيات ۾ هڪ هزار 10 ڪلو چرس، 2 ڪلو آفيم، 21 ڪلو 179 گرام آئيس، 395 گرام هيروئن، 10 هزار 78 ڪلو گٽڪا، هڪ هزار 584 ڪلو ڀنگ ۽ 4 هزار 565 ليٽر ليٽر شراب هٿ ڪيو. سال 2025ع دوران رينج پوليس 81 مغوين کي بازياب ڪرايو، جڏهن ته ٽيڪنيڪل طريقن سان 567 ڄڻن کي اغوا ٿيڻ کان بچايو ويو. فرائض جي ادائيگي دوران 14 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن شهادت ماڻي. پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي ويلفيئر جي مد ۾ ڪروڙين رپيا ڏنا ويا، جڏهن ته ڪمپليئنٽ سيل، انڪوائري سيل، وومين پروٽيڪشن سيل ۽ پوليس فيسيلٽيشن سينٽرن ۾ هزارين ماڻهن جا مسئلا ٻڌي حل ڪيو ويو آهي.