| لاڙڪاڻي ۾سلينڊر ڌماڪي واقعي جي باضابطه جاچ شروع: شاهديون گڏ |
لاڙڪاڻو (رپورٽ: نويد لاڙڪ) لاڙڪاڻي شهر جي لهر ڪالوني ۾ ڌماڪي واري واقعي جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ باضابطه جاچ شروع ڪئي وئي آهي، ڪراچي مان بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي ٽيم پهچي معائنو ڪيو، بي ڊي ايس جي اهلڪارن جديد الات ذريعي صورتحال جو جائزو ورتو،سيمپل وٺي فوٽوز ڪڍيا ويا ۽ ٻيون شاهديون به گڏ ڪيون ويون، جڏهن ته ميونسپل ڪارپوريشن جي عملي اسپيشل برانچ جي اهلڪارن جي موجودگي ۾ ملبو هٽائڻ وارو ڪم به شروع ڪري ڇڏيو، ڪمشنر طاهر سانگي ۽ ڊپٽي ڪمشنر شرجيل نور چنه ملبي کڻڻ واري ڪم جو جائزو ورتو، ان موقعي تي ايس ايس پي اسپيشل برانچ عبدالعظيم تنيو ۽ گروپ آفيسر منير سمون به موجود هئا. هوڏانهن آءِ جي سنڌ طرفان واقعي جي جاچ ۽ ڌماڪي جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ بڻايل ڪاميٽي (اڄ) واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪندي، ڪاميٽي جو سربراهه ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ ذوالفقار لاڙڪ ۽ ٽيم جا ميمبر ڌماڪي واري هنڌ جو معائنو ڪري ٽن ڏينهن اندر رپورٽ جمع ڪرائيندا. واضح رهي ته واقعي ۾ 5 گهر متاثر ٿيڻ سان گڏ ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارن سميت 4 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي ٿيا هئا.