لاڙڪاڻي ۾سياسي پارٽين جي حامين ۾ريلي ڪڍڻ تان جهيڙو، 2 ڄڻا قتل، اي ايس آءِ شهيد، ڊي ايس پي سوڌو5 زخمي

فيبروري 12, 2024

لاڙڪاڻو( رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي جي ماهوٽا ٿاڻي جي حد ڏاهاڻي موڙ تي سياسي جماعتن جي حمايتي ڏاهاڻي ۽ چانڊيا ذات جي ٻن ڌرين وچ ۾ ريلي ڪڍڻ واري معاملي تان ڇڪتاڻ کان پوءِ ڇنڇر ۽ آچر جي رات دير سان هٿياربندن هوٽل تي ڪاهه ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي،   اهڙي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، چانڊيا برادري پاران ماهوٽا ٿاڻي تي ڏاهاڻي ذات جي ماڻهن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ کانپوءِ ڌرين ۾صبح جو ٻيهر جهيڙو ٿي پيو، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ چانڊيا ڌر جو 40 ورهين جو محمد حسن چانڊيو، ڏاهاڻي ڌر جو 36 ورهين جو عمران ڏاهاڻي ٿڏي تي قتل ٿي ويا،اطلاع تي ڊي ايس پي صدر بشير شر واقعي واري هنڌ پهچي ڇڪتاڻ تي ضابطو ۽ فائرنگ بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي جتي هٿياربندن پوليس مٿان حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، ماهوٽا ٿاڻي جو اي ايس آءِ سلطان شاهه شهيد ٿي ويو،  جڏهن ته ڊي ايس پي بشير شر سندس گن مين صدام موهل سميت مسعود ڏاهاڻي، غفار ڏاهاڻي، عرفان ڏاهاڻي ۽ اعتبار ڏاهاڻي سخت سخت زخمي ٿي پيا، لاش توڙي زخمين کي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو، جتي ڊي ايس پي، پوليس اهلڪار سميت 5 ڄڻن جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ تي زخمي غفار ڏاهاڻي کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو. ماهوٽا پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته شروعاتي جاچ موجب ڏاهاڻي ۽ چانڊيا ذات جي ٻن ڌرين ۾ سياسي ريلي ڪڍڻ جي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو. جنهن ۾ ڊي ايس پي بشير شر، پوليس موبائيل ۾ گشت ڪندڙ اي ايس آءِ سلطان شاهه ۽ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو، يعقوب ڏاهاڻي کي گرفتار ناهي ڪيو ويو. پوسٽ مارٽم بعد شهيد پوليس اي ايس آءِ ۽ ٻنهي مقتولن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا جن مان شهيد اي ايس آءِ سلطان شاهه جو لاش لاڙڪاڻي شهر جي دڙي پاڙي، مقتول عمران ڏاهاڻي جو لاش لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ کهاوڙ خان ڏاهاڻي ۽ محمد حسن چانڊيو جو لاش لاڙڪاڻي واري گهر منتقل ڪيو ويو

سياسي پارٽين جي جهيڙي ۾ اي ايس آءِ شهيد ۽ 2 ڄڻا قتل ٿيا: ايس ايس پي

لاڙڪاڻو: ايس ايس پي لاڙڪاڻو سيد عبدالرحيم شيرازي واقعي واري هنڌ پهچي هوٽل تي موجود هوٽل مالڪ، مزدورن ۽ علائقي واسين کان تفصيل معلوم ڪيا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس پي  چيو ته سياسي جماعت سان واسطو رکندڙ علي حسن ڏاهاڻي چانڊين جي هوٽل ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي، اهڙو ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس علي حسن ڏاهاڻيءَ جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا هنيا ته هنن هٿيار کڻي اچي هنگامو ڪيو. ڊي ايس پي صدر ۽ ايس ايڇ او ڪنگا حالتن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هٿياربندن فائرنگ ۾ ماهوٽا ٿاڻي جو ايس آءِ سلطان شاهه شهيد ۽ هڪ چانڊيو قتل ٿيو آهي. هن چيو ته معلوم ٿيو آهي ته واقعي ۾ زخمي ٿيل هڪ ڏاهاڻي فوت ٿي ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. ايس ايس پي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته رات ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کان پوءِ پوليس ڪا به گرفتاري ناهي ڪئي ۽ جيڪي حقيقي جوابدار هوندا انهن کي گرفتار ڪيو ويندو.

نگران وڏي وزير واقعي جو نوٽيس ورتو، آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب

لاڙڪاڻو: سنڌ جي نگران وڏي وزير رٽائرڊ جسٽس مقبول باقر واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. نگران وڏي وزير آءِ جي سنڌ کي حڪم ڏنو آهي ته کيس واقعي جي فوري رپورٽ فراهم ڪئي وڃي. ان حوالي سان آءِ جي سنڌ نگران وڏي وزير کي آگاهي ڏني آهي ته لاڙڪاڻي جي علائقي نئون ديرو باءِ پاس ويجهو ٻن ڌرين وچ ۾ فائرنگ ٿي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ ماهوٽا ٿاڻي جو پوليس اي ايس آءِ سلطان شاهه فائرنگ جي نتيجي ۾ شهيد ٿيو آهي.

لاڙڪاڻو: سنڌ جي نگران وڏي وزير رٽائرڊ جسٽس مقبول باقر واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. نگران وڏي وزير آءِ جي سنڌ کي حڪم ڏنو آهي ته کيس واقعي جي فوري رپورٽ فراهم ڪئي وڃي. ان حوالي سان آءِ جي سنڌ نگران وڏي وزير کي آگاهي ڏني آهي ته لاڙڪاڻي جي علائقي نئون ديرو باءِ پاس ويجهو ٻن ڌرين وچ ۾ فائرنگ ٿي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ ماهوٽا ٿاڻي جو پوليس اي ايس آءِ سلطان شاهه فائرنگ جي نتيجي ۾ شهيد ٿيو آهي.

ڪنڌڪوٽ ۾مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن، ڀيوگينگ جي ٺڪاڻن کي باهه

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) تنگواڻي ٿاڻي حد مان 2 نوجوانن جي اغوا ٿيڻ وارو معاملو: ضلعي پوليس ڀيو گينگ خلاف آپريشن ڪيو.ضلعي جي مختلف پوليس ٿاڻن جي نفري دراني مهر ٿاڻي جي حد ۾ ڀيو گينگ خلاف آپريشن ڪيو ويو.ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ بشير احمد بروهي جو چوڻ هو ته پوليس مغوي ابوبڪر ۽ شعبان کوسو جي بازيابي لاءِ آپريشن ڪري رهي آهي.آپريشن ۾ ڀيو گينگ جي ٿاڪن کي باهيون ڏنيون ويون آهن.امن و امان جي صورتحال ڪنهن کي به خراب ٿيڻ نه ڏينداسين.مغوين جي بازيابي ڌاڙيلن جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو.

ڏاهاڻي ڌر جي عورت پوليس چڙهائي خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

لاڙڪاڻو: ڏاهاڻي ذات سان واسطو رکندڙ ڳوٺ کهاوڙ ڏاهاڻي واسڻ عورت نهال خاتون زال سائينداد ڏاهاڻي جڊيشل مئجسٽريٽ لاڙڪاڻو جي عدالت ۾ درخواست ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته رات ڏيڍ وڳي اسان گهر ۾ گهر ڀاتين سميت سمهي پيا هئاسون اوچتي کڙڪن جو آواز ٿيو ۽ اسان ننڊ مان سجاڳ ٿياسون ۽ ڏٺوسون ته 150 کان وڌيڪ پوليس وارا اسان جي گهر ۾ گهري چوديواري جو تقدس پائمال ڪري اسان سڀني نالي صدر الدين ڏاهاڻي ۽ ديدار علي پٽ علي گوهر ڏاهاڻي ۽ مون تي تشدد ڪري گهر ۾ پيل 10 لک روپيه روڪ رقم، 20 تولا سونا زيور کڻي منهنجي سرڪاري وڪيل ڀائيٽي محمد يعقوب ڏاهاڻي کي زبردستي اغوا ڪري کڻي ويا، انديشو آهي ته ان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي يا پوليس جي ڪوڙي مقابلي ۾ ماري ڇڏيندا تنهن ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي طرف ماهوٽا پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته يعقوب ڏاهاڻي جي گرفتاري جي اسان کي ڄاڻ نه آهي واقعي جو ڪيس مٿين آفيسرن جي هدايت ڪيس داخل ڪيو ويندو

Leave A Comment