لاڙڪاڻي ۾ انٽر بورڊ گرلز بيڊمنٽن چيمپئن شپ، لاهور بورڊ  ۽ اسلام آباد 2-2 ميچون کٽي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ انٽر بورڊ گرلز بيڊمنٽن چيمپئن شپ، لاهور بورڊ  ۽ اسلام آباد 2-2 ميچون کٽي ورتيون

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو جي نگراني ۾ آفيسر ڪلب لاڙڪاڻو ۾ پاڪستان انٽر بورڊ گرلس بيڊمنٽن چيمپئن شپ 2025 جو افتتاح چيئرمين تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو خالد حسين مھر ربن ڪاٽي ڪيو. او پي ايف اسڪول جي ٻارڙن ثقافتي ٽيبلو پيش ڪيو. چيمپين شپ جي افتتاح ميچ تعليمي  بورڊ لاڙڪاڻو ۽ تعليمي بورڊ سکر جي وچ  ۾ ٿي جيڪا تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو 0-2 تان کٽي ورتي. ٻي ميچ ۾ فيڊرل بورڊ اسلام آباد جي ٽيم تعليمي بورڊ مالاڪنڊ کي 0-2 تان شڪست ڏني. ٽين ميچ ۾ تعليمي بورڊ لاھور جي ٽيم تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو جي ٽيم کي 0-2 تان شڪست ڏني. چوٿين ميچ ۾  فيڊرل بورڊ اسلام آباد جي ٽيم تعليمي بورڊ مردان کي 0-2 تان شڪست ڏني. پنجين ميچ ۾ تعليمي بورڊ  لاھور تعليمي بورڊ شھيد بينظير آباد کي 0-3 تان شڪست ڏني. ان موقعي تي نيلم کوکر، زاھد علي گاڏھي، مسرت علي ميمڻ، محمد شريف بروھي ۽ خادم حسين گوپانگ ايمپائرنگ ڪئي. افتتاحي تقريب ۾ ڪنٽرولر تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو، پرنسپال ايس ايم بي بي گورنمينٽ گرلس ڪاليج نئوديرو پروفيسر صدوران سولنگي، پرنسپال زيبسٽ ڪاليج لاڙڪاڻو فھيم احمد سولنگي، وائيس پرنسپال گرلس ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو عظمت، پرنسپال گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مديجي پروفيسر اعجاز احمد کوکر، ڊائريڪٽر اسپورٽس لاڙڪاڻو محمد رمضان جمالي، ڊائريڪٽر اسپورٽس مردان بورڊ محمد صابر، ڊائريڪٽر اسپورٽس مردان بورڊ  آسيا ، ڊائريڪٽر اسپورٽس شھيد بينظير آباد محمد عامر جمالي، سينيئر ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن ايس ايم بي بي گورنمينٽ گرلس ڪاليج نئون ديرو نيلم کوکر، سينئر ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن انيلا ابڙو، پروفيسر غلام رسول جتوئي سميت ٻين شرڪت ڪئي.