لاڙڪاڻي ۾ ايٿليٽڪس چيمپئن شپ ۽ رساڪشي جا مقابلا

لاڙڪاڻي ۾ ايٿليٽڪس چيمپئن شپ ۽ رساڪشي جا مقابلا

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) بورڊ آف انٽرميڊيئٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن لاڙڪاڻو جي نگراني ۾ انٽر اسڪولس ۽ انٽر ڪاليجيٽ ايٿليٽڪس چيمپئن شپ ۽ رساڪشي جا مقابلا ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ منعقد ٿيا، رساڪشي جي فائنل ميچ ۾ گورنمينٽ پائلٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو جي ٽيم ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو جي ٽيم کي فائنل ۾ 0-2 تان شڪست ڏئي فائنل پنھنجي نالي ڪري ورتي. ايٿليٽڪس چيمپئن شپ ۾ پھرين پوزيشن ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو، ٻئين پوزيشن گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو، ٽئين پوزيشن گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج مديجي حاصل ڪئي. 100 ميٽر ريس ۾ ڪيڊٽ ڪاليج جي صمد گولڊ، صديق سلور ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نصيرآباد جي عبدالباسط برونز ميڊل حاصل ڪيو. 400 ميٽر ريس ۾ ڪيڊٽ ڪاليج جي عبدالحميد گولڊ، وقاص سلور ۽ پائلٽ اسڪول جي محمد بخش برونز ميڊل حاصل ڪئي. 1500 ميٽر ريس ۾ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو جي عبدالحميد گولڊ، بلاول سلور ۽ ڪيڊٽ ڪاليج جي شيرمحمد برونز ميڊل حاصل ڪيو. 400×100 ميٽر ريلي ريس ۾ ڪيڊٽ ڪاليج گولڊ، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو سلور ۽ گلوبل ڪاليج لاڙڪاڻو برونز ميڊل حاصل ڪيو. ھائي جمپ ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو جي زين بروھي گولڊ، ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو جو ڪيڊٽ زين سلور ۽ گورنمينٽ ڪمپوزٽ ڪاليج ميروخان جي شاھد علي برونز ميڊل حاصل ڪيو. جيولن ٿرو ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جي زين بروھي گولڊ، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مديجي جي عبدالحميد سلور ۽ ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور جي نياز احمد برونز ميڊل حاصل ڪيو.

 شاٽ پٽ ٿرو ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جي عبدالحميد گولڊ، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو جي سھيل احمد سلور ۽ ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور جي حسين برونز ميڊل حاصل ڪيو. لانگ جمپ ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو جي زين العابدين گولڊ، ڪيڊٽ ڪاليج  لاڙڪاڻو جي گل جھان سلور ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نصيرآباد جي ماجد علي برونز ميڊل حاصل ڪيو. جڏھن ته چيمپئن شپ جو بھترين ايٿليٽ اعزاز گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو جي زين العابدين بروھي پنهنجي نالي ڪري ورتو جنھن 4 گولڊ ميڊل ۽ هڪ سلور ميڊل حاصل ڪيو. چيمپئن شپ ۾ مجموعي طور 16 تعليمي ادارن جي ٽيمن حصو ورتو.