| لاڙڪاڻي ۾ اڳوڻي ڪرڪيٽر سليمان ميراڻي جي ياد ۾ ميڙاڪو: ڀيٽا پيش |
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ڪرڪيٽ راند جي پراڻن رانديگرن جي واٽس اپ ۽ اولڊ از گولڊ گروپ پاران لاڙڪاڻي واسي مشهور ڪرڪيٽر، الشھباز ڪرڪيٽ ڪلب لاڙڪاڻو جي اڳوڻي ڪپتان، سماجي شخصيت ۽ اڳوڻي ٽريزري آفيسر مرحوم محمد سليمان ميراڻي جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. تعزيتي ميڙاڪي کي صدارتي خطاب ڪندي مرحوم محمد سليمان ميراڻي جي وڏي فرزند اسرار احمد ميراڻي چيو ته بابا اسان لاءِ ڇَپر ۽ ڇانوَ، سموري ڪٽنب سميت مائٽن لاءِ مسيحا به ھو، ھن اسان کي تعليم ڏيارڻ سان گڏ اسان جي تربيت شفيق پيءُ ۽ رونما دوست جيان ڪئي. ھن اسان جي ذھني، اخلاقي ۽ سماجي تربيت ايتري ته شاندار ڪئي جو اڄ اسين ثابت قدمي سان پنھنجي منزل طرف گامزن آھيون. خاص مھمان طور اڳوڻي ناليواري ڪرڪيٽر عبدالنبي مگسي چيو ته محمد سليمان ميراڻي سان محبت وارو تعلق 1982ع کان قائم رھيو. ھو دل ۽ دسترخوان جو ڪشادو ماڻھو ھو. ھو دوستن جو سچو دوست ۽ سڀني کي ساڻ کڻي ھلڻ وارو ماڻھو ھو. ان موقعي تي اڳوڻي ڪرڪيٽر حميد الله تونيو اڳوڻي ڪرڪيٽر، ڪمينٽريٽر ۽ اسڪائوٽس ليڊر استاد گل دايو ۽ ٻين چيو ته محمد سليمان ميراڻي جي ڪپتاني ۾ الشھباز ڪرڪيٽ ڪلب سڄي سنڌ ۾ ڪاميابيون حاصل ڪري نالو ڪمايو. ھن ڪيترن ئي ڪرڪيٽرن کي اولاد جيان پاليو ۽ سندن مالي سهائتا ڪئي. تعزيتي ميڙاڪي کي پراڻن ڪرڪيٽرن خادم حسين ميمڻ، رفيق احمد سانگي، شاهه بخش خاصخيلي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
ميڙاڪي ۾ جھونن رانديگرن شفيع محمد مستوئي، عبدالرحيم ابڙو، رفيق احمد لاڙڪ، اسرار احمد تونيو، شاھجھان کوکر، عبدالستار ککراڻي، محمد علي لغاري، شبير علي شيخ، الطاف خاصخيلي، مشتاق لاڙڪ، عبدالوحيد پٺاڻ، محمد سليمان جي ننڍي فرزند اظھار علي ميراڻي، عبدالرزاق ميراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.